سوديشي

سوديشي (هفتيوار اخبار): ٺاڪرداس گولي مل جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ هيءَ اخبار 13 آڪٽوبر 1933ع کان ’امر پريس‘ سکر مان ڇپجي منظرعام تي آئي هئي. سماجي ۽ ڌرمي خبرن لاءِ وقف ٿيل ’سوديشي‘ رڳو هڪ سال شايع ٿي، جنهن کانپوءِ بند ٿي وئي. ان کانپوءِ ٺاڪرداس هفتيوار ڪانگريس 1938ع ڌاري جاري ڪئي.


لفظ سوديشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو