سنگهه

سنگهه (لفظ جو بنياد): کشتري (کتري)، جن کي هن وقت راجپوت سڏيو وڃي ٿو، پنهنجي نالي پٺيان سنگهه/سنگ جو لفظ استعمال ڪندا آهن، جنهن جي لغوي معنيٰ ’شينهن‘ آهي، يعني ’بهادر‘. کتري تاريخ ۾ انتهائي بهادر، جنگجو، سورما، جوڌا، راجا ۽ مهاراجا رهيا آهن. اهو ئي سبب هو، جو کترين نالي سان گڏ ’سنگهه‘ جو خطاب اختيار ڪيو. هن لفظ جو بنياد ٽئين وڪرمي سنبت کان ملي ٿو، جڏهن ايران جي شهنشاهه هندو سڀيتا کي پنهنجو ڪيو ۽ پنهنجي نالي سان گڏ ’سنگهه‘ لفظ ويرتا/ بهادريءَ لاءِ ڪم آندو. پهريائين گجرات راجپوتانا، مالوا، ڪاٺياواڙ ۽ دکن تي راڄ ڪرڻ واري شاڪ جاتي ايراني کترب ونسي (نسل) بهادر راجا رُودر داما جي پٽ، مها پرتابي راجا ردرسنگهه پنهنجي نالي پويان سنگهه لڳايو. مالوا جي پرمار راجائن جي نالي جي پڇاڙيءَ ۾ سنگهه لفظ لڳائڻ جو رواج وڪرمي سنبت 10 ۾، ميواڙ جي گهلوتن ۾، وڪرم سنبت 12 ۾، ڪڇواهن ۾ وڪرم سنبت 12 ۾، چوهاڻن وٽ وڪرمي سنبت 13 ۾ ۽ مارواڙ جي راٺوڙن ۾ وڪرمي سنبت 17 صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ رائج ٿيو. راجپوتن جي اثر هيٺ سکن جي ڏهين گرو گوبندسنگهه (وڪرمي سنبت: 1722ع-1765ع) ارڙهين صديءَ ۾، سنگهه جو لفظ پنهنجي نالي ۾ استعمال ڪيو هو. هاڻي هي لفظ سکن جي عام سڃاڻپ جوڪارڻ بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن به دين/ ڌرم جو ماڻهو سک پنٿ کي اختيار ڪري ٿو ته سندس نالي پٺيان ’سنگهه‘ ضرور لڳايو ويندو آهي.


لفظ سنگههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو