سنگراسي

سنگراسي (ذات): هن ذات لاءِ مختلف روايتون ملن ٿيون، جيڪي هن طرح آهن: (1) هن ذات وارا ڏهر بن جوجو جو اولاد آهن. هن جي ڀائرن جا نالا ڀينين ۽ ڀريو هئا، جيڪي بعد ۾ مسلمان ٿيا ۽ سما سنگراسي سڏرائڻ لڳا. (2) ٻي روايت موجب سنگراسي سوڍن جو اولاد آهن، جن مان ڪجهه مسلمان ته ڪجهه هندو آهن. هي ٿر ۾ رهن ٿا. هندو سنگراسي شري ڪرشن جا پوئلڳ آهن. سندن وڏو راڻو سنگرپت، راڻو کينئرو، غوث بهاؤالدين ملتانيءَ جي تلقين سان مسلمان ٿيو، سنگر جي پٺيان سنگراسي سڏجن ٿا. سنگراسين جا خاص پاڙا هن ريت آهن: آسريا، جکريا، چونڊا، سوڍا، کڻارا، لونڍا ۽ لوڻا.


لفظ سنگراسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو