سنڌي ڪاٺ ڪُٺو

سنڌي ڪاٺ ڪُٺو

سنڌي ڪاٺ ڪُٺو

سنڌي ڪاٺ ڪُٺو (پکي): سنڌ جي هن مقامي پکيءَ کي انگريزيءَ ۾ Sind Pied Wood peeker ۽ اردوءَ ۾ ’سنڌي سياهي مائل ڪٺ ڦوڙ‘ چيو ويندو آهي، جڏهن ته سائنسي ٻوليءَ ۾ هن پکيءَ کي Dendrocopos assimilis سڏيو ويندو آهي. پکين جي هڪ ماهر ۽ محقق اسٽؤرٽ بيڪر (Stuart Baker) هن پکيءَ کي Dryobates Scindianus جو نالو به ڏنو آهي. هن پکيءَ جو تعلق Picidae خاندان جي ذيلي ڪٽنب Picinae سان آهي. سنڌي ڪاٺ ڪُٽي جي جسماني ڊيگهه 22 سينٽي ميٽر، پرن جي ڊيگهه 11.1 کان 12.3 سينٽي ميٽر آهي. هن پکيءَ جي پُڇ جي ڊيگهه تقريباً 6.7 کان 7.3 سينٽي ميٽر ۽ چهنب جي ڊيگهه 2.5 سينٽي ميٽرن جي لڳ ڀڳ آهي.
هي پکي مجموعي طور اڇو ڪارو هوندو آهي، جنهن جي ڪلهن تي اڇا چُٽا، اڇا ڳل، ڳچي، ڇاتي ۽ پيٽ ميرانجهڙو اڇو، پڇ پاڙ وٽان هيٺان ڳاڙهسرو، قرمچي رنگ جو ٿيندو آهي. نر جي پيشاني ۽ مٿو قرمچي ڳاڙهو ٿيندو آهي، جڏهن ته ماديءَ جي پيشاني ڪاري رنگ جي ٿيندي آهي. هن جي پڇ جي ظاهر کنڀن تي هڪٻئي پٺيان اڇا چُٽا هوندا آهن، جيڪي بند ٿيڻ تي اڇي رنگ جي ويڪرين پٽين جو ڏيک ڏيندا آهن. هن جو هيٺيون پڇ پوش (under tail covert)، ڪلنگيءَ جي ڀيٽ ۾ قرمچي گلابي رنگ جو ٿئي ٿو. پير نيراڻ مائل سليٽي رنگ جا ٿين، جيڪي رخ بدلائڻ مهل ناسيءَ کان قرمچي رنگ ۾ تبديل ٿيندي محسوس ٿين ٿا. هن پکيءَ کي ناسن وٽ ننڍڙا کنڀ به ٿين ٿا.
هي پکي ايران جي ڏکڻ اڀرندي علائقن: سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي علائقن ۾ رهندڙ هتان جو مقامي پکي آهي. هي پکي سنڌو درياهه جي ڀرسان آباد ميداني علائقن، گهاٽن ٻيلن، جهنگلن، خشڪ ڪنڊاون جهنگن ۾ ملي ٿو. عام طور هي پکي سڄي پاڪستان ۾ ملندو آهي، پر پنجاب ۽ سنڌ ۾ ججهي تعداد ۾ نظر ايندو آهي. سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي اترين علائقن ۾ رهندو آهي، جڏهن ته هيٺينءَ سنڌ ۾ تمام گهٽ نظر ايندو آهي. ان کان سواءِ ريگستاني علائقن، ٿر ۽ چولستان ۾ ڪنڊاون ٻوٽن، ڪنڊين ۽ ٻٻرن تي ۽ ڳوٺن ۾ آبپاشي ڪئنالن ۽ رستن جي ڀرسان وڻن تي ويهي ٿو ۽ ٻين پکين وانگر زمين تي پوکيل فصلن مان غذا تلاش ڪرڻ بدران ٻٻر، ڪنڊي، ڄار ۽ ٻين وڻن جي قدرتي چيرن ۽ سوراخن ۾ لڪل ننڍن جيتن ۽ انهن جي آنين مان ڦٽيل ٻچن (سوٻٽ، پيويا) وغيره کي چهنب جي مدد سان ڪڍي کائيندو آهي. ان کانسواءِ وڻن جي پاڙن ۾ رهندڙ ۽ وڻن کي نقصان پهچائيندڙ جيتن کي به کائيندو آهي. هن پکيءَ جو غذائي ذريعو صرف وڻ ۽ ٻوٽا آهن، ان ڪري ئي هن پکيءَ کي سنڌيءَ ۾ ’ڪاٺ ڪٺو‘ چيو ويندو آهي، ٿر ۾ هن کي ’سوٽاڙيو پکي‘ به چون ٿا.
هن پکيءَ جي سنڌ ۾ نسلي واڌويجهه جو عرصو فيبروري مهيني کان شروع ٿيندو آهي، پر آنا عام طرح مارچ مهيني ۾ ڏيندا آهن. آنا ڏيڻ کان اڳ هن پکيءَ جا نر ۽ ماد گڏجي ڊگهي وڻ جي ڪنهن مناسب جاءِ تي چهنب جي مدد سان سوراخ ڪندا آهن. هڪ وقت ۾ هڪ مادي 3 کان 4 آنا لاهيندي آهي، جيڪي لسا، اڇي رنگ جا ۽ ننڍڙا بيضوي شڪل جا ٿين ٿا. مادي 15 کان 16 ڏينهن آرو ڪندي آهي. نر پکي آنن مان ڦٽل ٻارن لاءِ غذا ڳولي آڻڻ ۾ انتهائي سرگرم هوندو آهي. آنن مان ڦٽل پکيءَ جي ٻچن کي کنڀ نه هوندا آهن ۽ ابتدائي طور انڌا ڄمندا آهن ۽ شور ڪندا رهندا آهن.
هي پکي پنهنجي طبيعت مطابق مختلف وقتن تي مختلف آواز ۾ ٻوليندو آهي، گهڻي دير تائين خاموش رهي اوچتو تيز آواز ڪڍندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو