سنڌي پهاڪا ۽ محاورا

سنڌي پهاڪا ۽ محاورا

سنڌي پهاڪا ۽ محاورا

سنڌي پهاڪا ۽ محاورا (ڪتاب): سنڌي پهاڪن ۽ محاورن جي هيءَ وڏي لغت (ڪوش) پنهون مل ڪشناڻي'>سنتداس پنهون مل ڪشناڻي ’سنتل‘ جي جوڙيل آهي، جنهن جو مرتب ۽ مقدمي نگار ڊاڪٽر مرليڌر ڪشنچند جيٽلي آهي. سنڌيءَ ۾ اڄ تائين پهاڪن ۽ محاورن جي چيل ڪوشن/ لغتن ۾ هي سڀ کان وڏي لغت آهي. ليکڪ پنهون مل سالن جا سال نور نچوئي هر هڪ پهاڪي ۽ محاوري جي معنيٰ سمجهائي آهي ۽ ان کي جملي ۾ استعمال به ڪري ڏيکاريو آهي. هن ڪوش ۾ اٽڪل 12000 پهاڪا ۽ محاورا شامل آهن. هن ڪوش جي اهميت اها به آهي ته ان تي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو تفصيلي مقدمو 108 صفحن تي مشتمل به شامل آهي.
ڊبل ڪرائون سائيز جي 648 صفحن تي مشتمل هي ڪوش، پ. و. ڪشناڻي ٽرسٽ پوني (ڀارت)، 1993ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


لفظ سنڌي پهاڪا ۽ محاوراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو