ٻن ڏينهن واري آل سنڌ وومن ڪانفرنس جنهن ۾سنڌي عورت تنظيم جي قيام جو اعلان ڪيو ويو

ٻن ڏينهن واري آل سنڌ وومن ڪانفرنس جنهن ۾سنڌي عورت تنظيم جي قيام جو اعلان ڪيو ويو

سنڌي عورت تنظيم

سنڌي عورت تنظيم: 8، 9 اپريل 1982ع تي ٻن ڏينهن واري آل سنڌ وومن ڪانفرنس يا سنڌي عورتن جي پهرين ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ وقت ڪانفرنس جي ڪنوينر مشهور تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي برک اديب ۽ ڪالم نگار علي احمد بروهيءَ سان گڏوگڏ سڄاڻ سنڌي عورتن مان ڊاڪٽر حميده کهڙو، انيتا غلام علي، فهميده حسين، آپا شمس عباسي، ڊاڪٽر قمر تنوير، ڊاڪٽر قمر واحد وغيره جي صلاح مصلحت سان سنڌي عورتن جي لاءِ هڪ نمائنده تنظيم جو خيال پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي انهيءَ تنظيم جي قيام جو اعلان ڪيو ويو، جنهن تحت آپا شمس عباسيءَ کي هن تنظيم جي پهرين ڪنوينر ۽ پروفيسر فهميده حسين کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ان جي انتظامي ڪاميٽيءَ ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو، انيتا غلام علي، ليڊي هدايت الله، مـونـا هـدايــت الله (لـيـڊي هـدايـت الله جي انگريز ننهن) زريـنه بلـوچ، رشـيـده اخـلاق، عـزيـزه سومرو ۽ ڪجھه ٻيون خواتين شامل هيون، بعد ۾ هن تنظيم جي هڪ شاخ حيدرآباد ۾ به کولي وئي.
هن تنظيم پاران غريب عورتن جي مالي سهائتا لاءِ فنڊ ڪٺا ڪيا ويا ۽ غريب سنڌي نياڻين جي وهانوَن ۾ مدد ڪئي ويندي هئي يا ڪي ٻيا سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ٿيندا هئا. ٻن سالن کانپوءِ باقاعدي چونڊن ذريعي نيون عهديدار خواتين چونڊجي آيون، جن ۾ مونا هدايت الله ۽ رشيده اخلاق سر فهرست هيون. اها تنظيم ڪجھه سالن کانپوءِ غير فعال ٿي وئي ۽ هن وقت صرف ڪاغذن ۾ يا رسمي طور موجود آهي.


لفظ سنڌي عورت تنظيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو