سنڌي شعبو وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي

سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي: وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي، پاڪستان سرڪار پاران 13 نومبر 2002ع ۾ قائم ڪئي وئي. ان جو هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ آهي، پر وائيس چانسلر، رجسٽرار ۽ ٻيو عملو ڪراچيءَ جي گلشن اقبال واريءَ ڪيمپس ۾ويهندو آهي. هن يونيورسٽيءَ جي هن ڪئمپس کان سواءِ ڪراچيءَ ۾ مولوي عبدالحق ڪئمپس ۽ هڪ ڪئمپس اسلام آباد ۾ آهي. يونيورسٽيءَ جو سنڌي شعبو عبدالحق ڪئمپس ۾ آهي. ياد رهي ته وفاقي اردو يونيورسٽي پهرين ڪاليج هئي، جيڪو باباءِ اردو مولوي عبدالحق قائم ڪيو هو. اڳتي هلي وفاقي اردو آرٽس ڪاليج ۽ وفاقي اردو سائنس ڪاليج هڪ ئي انتظام هيٺ ڌار ڌار عمارتن ۾ هلڻ لڳا. ابتدا کان وٺي وفاقي اردو آرٽس ڪاليج ۾ سنڌي شعبو به قائم هو. جڏهن هن اداري کي 2002ع ۾ يونيورسٽي بڻايو ويو ته سنڌي شعبي کي به برقراررکيو ويو. يونيورسٽي ٺهڻ کان پوءِ شعبي جو پهريون سربراهه پروفيسر علي بخش بهڻ بڻيو، جنهن کانپوءِ جنوري 2006ع کان جولاءِ 2012ع تائين ڊاڪٽر عنايت حسين لغاريءَ ان جو چيئرمئن ٿيو ۽ جولاءِ 2012ع کان اڄ تائين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو شعبي جو چيئرمئن آهي.
هن وقت سنڌي شعبي ۾ بي ايس (چئن سالن وارو پروگرام) ايم. اي، ايم. فل ليڊنگ ٽو پي ايڇ.ڊي پروگرام هلايو پيو وڃي. سال 2013ع کان ايم. اي (سنڌي) پرائيويٽ به شروع ڪئي وئي آهي. شعبي پاران سيمينار ۽ ڪانفرنسون به ڪرايون وينديون آهن ان کانسواءِ هڪ ڇهه ماهي تحقيقي جرنل ’ڪارونجهر‘ به شايع ڪيو وڃي ٿو، جنهن جا هن وقت تائين 8 شمارا ڇپجي چڪا آهن. هن جرنل ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت مقالا ڇاپيا وڃن ٿا.
اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ٿورڙي عرصي ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي، جو هن شعبي ۾ شاگردن جو تعداد وڌندو رهي ٿو.
هن وقت شعبي جي مستقل استادن ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو (چيئرمئن)، ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري ۽ محترمه سيما ابڙو شامل آهن. جڏهن ته اعزازي استادن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر خورشيد عباسي، ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻي، عابده گهانگهرو ۽ علي جان ٻرڙو شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو