سنڌوءَ جي ڪناري

سنڌوءَ جي ڪناري

سنڌوءَ جي ڪناري

سنڌوءَ جي ڪناري (فلم): هيءَ سنڌي فلم 1966ع ۾ ٺهي ۽ ڀارت ۾ رليز ٿي. هن فلم جو پروڊيوسر، هدايتڪار ۽ ليکڪ ناليوارو اديب گوبند مالهي هـو. هـن فـلـم جـا گيت گورڌن ڀارتيءَ لکيا ۽ موسيقـي سـي. ارجـن ڏني. هن فلم جا گيت ماسٽر چندر، رام پنجواڻي، سترام روهڙا، چندرو آتما ڳايا. هن فلم جي اداڪارن ۾ ڀڳونتي ناواڻي، مدن جماڻي، امر چندناڻي، ايس. پي منگهاڻي، رميش ڄاڃاڻي، رميش راج ۽ جي. ايشو هئا. هن فلم ۾ مشهور لوڪ فنڪاره ڀڳونتي ناواڻيءَ هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو.


لفظ سنڌوءَ جي ڪناريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو