سمن جي سلطنت

سمن جي سلطنت

سمن جي سلطنت

سمن جي سلطنت (ڪتاب): هن تاريخي ڪتاب جو مصنف ڊاڪٽر غلام محمد لاکو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ سما دؤر کي وڏي اهميت حاصل آهي. سمن ڄامن 1351ع کان 1520ع تائين، آزادي ۽ خودمختياريءَ سان حڪومت ڪئي. هن خاندان ڄام نظام الدين جهڙو صالح ۽ بلند بخت وارو حاڪم پيدا ڪيو، جنهن پورا 48 سال (1461ع-1508ع) راڄ ڪيو. سندس عظمت جي ساک اڄ به مڪليءَ تي موجود سندس مقبرو ڏئي رهيو آهي. سڀ کان اول هي ڪتاب پاڪستان اسٽڊي سينٽر (سنڌ يونيورسٽيسال 1987ع ۾ ڇپرايو. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1996ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ آندو. ٽيون ڇاپو پڻ ساڳئي اداري 2005ع ۾ ڇپرايو. هر ڇاپي ۾ ڪجهه نه ڪجهه واڌارا ٿيندا رهيا آهن. ڪتاب ۾ ڪل پنج باب آهن. ان کانسواءِ متفرقات ۽ ڪي ضميما به ڏنا ويا آهن. سماٽ قبيلن جي شجرن ۽ سمن ڄامن جي شجرن کانسواءِ ڪتاب ۾ انڊيڪس به شامل آهن. ان کانسواءِ ساڳئي مصنف سمن جي دور بابت مختلف اديبن جا انگريزيءَ ۾ لکيل مختلف مضمون ۽ مقالا ترتيب ڏئي ‘The Samma Kingdom of Sindh’ جي نالي سان هڪ ڪتاب، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشوري پاران 2006ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.


لفظ سمن جي سلطنتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو