سليم سولنگي

سليم سولنگي

سليم سولنگي

سليم سولنگي: نامور اُستاد، اديب ۽ مترجم محمد سليم ولد حڪيم محمد هاشم سولنگي، 14 جنوري 1945ع تي ڳوٺ دين محمد سولنگي تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، جڏهن ته مئٽرڪ گورنمينٽ پرمانند هرداس مل هاءِ دادوءَ مان ڏنائين، انٽر ۽ بي. اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ مان پاس ڪيائين، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڦلجيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. مختلف اسڪولن ۾ پڙهائڻ بعد 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي انگريزيءَ ۾ ڪري گورنمينٽ ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرار ٿيو. ترت سندس بدلي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ ٿي، جتان 2007ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي پد تان رٽائر ڪيائين.
سليم سولنگيءَ کي انگريزي ٻوليءَ تي ڪافي دسترس حاصل هئي، سليم سولنگيءَ انگريزي ٻوليءَ ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جو پهريون مترجم شمار ٿئي ٿو، هن اياز جا ڪافي شعر انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا. اياز جي ترجمو ڪيل شاعري جڏهن شايع ٿي ته شيخ اياز نه رڳو سندس ترجمي کي پسند ڪيو، پر کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرريءَ جي آڇ ڪئي پر هن اها آڇ معذرت سان قبول نه ڪئي. ان کانپوءِ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ استاد بخاريءَ کي به انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ان کانسواءِ به هن انگريزي ادب جون ڪجهه چونڊ ڪهاڻيون به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون، جن تي کيس سنڌ جي مهان ليکڪ ۽ شاهه سائينءَ جي شارح منگهارام ملڪاڻيءَ طرفان شابس جو خط موصول ٿيو، سليم سولنگيءَ، شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ جي شاعري جو بهترين شارح هو. ٻه ڀيرا سنڌي ادبي سنگت دادوءَ شاخ جو سيڪريٽري به رهيو. استاد بخاري جيڪو به نظم لکندو هو، اهو سليم سولنگي کي ضرور ڏيکاريندو هو، سليم سولنگيءَ کي انگريزي ۽ سنڌي زبانن تي دسترس حاصل هئي. هو بهترين استاد هو.
هن جن به شاگردن تي ڌيان ڏنو اهي اهم عهدن تي پهتا جن مان ڪي اڄ دادوءَ ۾ اسڪول هلائي رهيا آهن. سندس دوستن جي دائري ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، خان ملڪاڻي'>احمد خان ملڪاڻي، فاروق سولنگي، محمد بخش سميجو، محمد عثمان ميمڻ، ڊاڪٽر نظير چارڻ، تاج جويو وغيره رهيا آهن. سليم سولنگي سڄي عمر ترقي پسند ادب ۽ خيالن جو پرچارڪ رهيو.
هن دل جي دوري سبب، 18 جنوري 2008ع تي وفات ڪئي، کيس دادوءَ جي قبرستان لال هنديءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


لفظ سليم سولنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.01.14  عيسوي

نامور اُستاد، اديب ۽ مترجم محمد سليم ولد حڪيم محمد هاشم سولنگي، 14 جنوري 1945ع تي ڳوٺ دين محمد سولنگي تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


2008.01.18  عيسوي

سليم سولنگي18 جنوري 2008ع تي وفات ڪئي، کيس دادوءَ جي قبرستان لال هنديءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مختيار سمو
پروين موسيٰ ميمڻ
جيئل اوڏ
سيد نور رضوي
صديق سالڪ برگيڊيئر
سليم ميمڻ پروفيسر
گل محمد شاهه بخاري
ريٽا شهاڻي
سحر انصاري
موهن لعل شرما ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون