سرمد سنڌي

سرمد سنڌي

سرمد سنڌي

سرمد سنڌي: سنڌ جي ناليواري قومي راڳي سرمد سنڌيءَ جو اصل نالو عبدالرحمان ولد حيات علي مغل هو.سندس جنم 7 مئي 1958ع تي ضلعي خيرپورميرس جي هڪ ننڍڙي شهر پريالوءِ ۾ ٿيو. سرمد سنڌي مئٽرڪ تائين تعليم پريالوءِ ۾ حاصل ڪئي. تنهن کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخل ٿيو. جتان 1980ع ۾ سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين. 1980ع ۾ ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ ۾ سب انجينيئر (سول) ۽ بعد ۾ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ اسٽنٽ ڪنٽرولر مقرر ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخر تائين انهيءَ عهدي تي رهيو. سرمد سنڌيءَ ڳائڻ جي شروعات ڪاليج لائف کان شروع ڪئي ،ائين ئي هو پنهنجي يارن دوستن ۾ ويهي جھونگاريندو رهندو هو. کيس جيئي سنڌ جي نعري سان محبت هوندي هئي. پاڻ جڏهن ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هو، ان وقت به ڪاليج ۾ ٿيندڙ قومي پروگرامن ۾ قومي گيت جھونگاري محفل تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. اهڙي طرح سندس سريلي آواز جا آلاپ وڏين محفلن ۾ پڻ گونجڻ لڳا ۽ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ مختلف محفلن کي قومي گيتن سان گرمائي ڇڏيندو هو. اهو جنرل ضياءَ واري مارشلا جو دور هو ۽ سنڌ ۾ قومي گيتن کي چاهه سان ٻڌو ويندو هو. سرمد سنڌي قومي ڪاڄن ۾ سڄي رات بيهي قومي ۽ انقلابي گيت ڳائي، خاص ڪري نوجوانن ۾ نئون ولولو ۽ جوش پيدا ڪندو هو. جڏهن به هو ڳائيندو هو، ته سنڌي نوجوان پنڊال ۾ جھومندا. هڪ دوست نور احمد ميمڻ جي صلاح تي رحمان مغل مان سرمد سنڌي بڻيو. سرمد سنڌيءَ کي ريڊيو پاڪستان تي ناليواري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي ۽ پي. ٽي. وي تي سميع بلوچ متعارف ڪرايو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس آواز ۾ پهريون ڀيرو هڪ لولي ’مارو لولي الو ميان‘ نشر ٿي. ٽي. وي تي سندس آواز ۾ ڳايل پهريون ڪلام ’تنهنجي ياد جي وري آ وير‘ هو. ان کانپوءِ سرمد بيشمار عوامي، گيت، غزل، وايون ۽ صوفين جو ڪلام اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ آڊيو-وڊيو ڪئسٽن ذريعي ڳائي، پڙهيل لکيل طبقي کان ويندي هڪ هاري پورهيت تائين مڃتا ماڻي. سرمد سنڌيءَ جو تعلق ڪنهن پيشه وار گائڪن جي خاندان سان ڪونه هو، پر سندس خاندان هڪ مذهبي گھراڻو هو، جتي ڳائڻ وڄائڻ کي سٺو نه سمجھيو ويندو هو. هن راڳ جي باقاعده سکيا ڳوٺ مان لالا عزيز،شاهد بزمي،خان '>استاد ظفر علي خان ، ظهور خان زيبي ۽ بيدل مسرور کان ورتي، هن ڳايو هميشه الڳ انگ ۽ رنگ ۾. هن جي ڳائڻ جو انداز سمورن فنڪارن کان مختلف هو، هن ڪڏهن به فلمي طرزن تي نه ڳايو، هو اڪثر ڌنون پاڻ ڪمپوز ڪندو هو ۽ شاعريءَ جي چونڊ ۾ مهارت رکندو هو. سندس هميشه اها ڪوشش هوندي هئي ته سنڌي موسيقيءَ ۾ جدت آڻجي. هن هميشه ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جي خلاف پنهنجي انقلابي آواز جي وسيلي جنگ ڪئي. هن هر موضوع تي ڳايو، سندس محورسماج ۽ ڌرتيءَ جا سور هئا. هن وٽ سندس لاشعور ۽ ڏات جي ڏيهه ۾ هڪ اهڙي خوبي هئي، جا ڪلا جي پابندين جي محتاج ڪانه هوندي هئي. . سرمد سنڌيءَ جا وڏا اصل سکر جا هئا، ۽ عملي طرح هن پنهنجو پاڻ، پنهنجي گھر ڀاتين ۽ پنهنجن ٻارن کي سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان رچائي ڇڏيو هو. کيس سنڌ جي ڌرتي، ٻولي ۽ تهذيب سان بي انتها محبت هئي. هن سنڌين جي دلين جي ترجماني ڪئي. سرمد سنڌي قومي پروگرامن جي دعوت جي ڪابه فيس وغيره نه وٺندو هو، کيس ڪنهن قومي ڪاڄ جي دعوت نه به ملندي هئي، ته به فرض سمجھي ان پروگرام ۾ پاڻ مرادو هليو ويندو هو. سندس دوستن کي چيل هوندو هو ته ڪنهن به سنڌيءَ جي دعوت ڏيڻ تي سندس اچڻ جي پڪ ڏئي ڇڏين، هن ڪڏهن به پئسن جي خاطر نه ڳايو، پر پنهنجي دلي شوق جي پورائي ۽ ڌرتيءَ جو فرض سمجھندي ڳايو. هن شاهه لطيف سميت شيخ اياز، استاد بخاري، سرڪش سنڌي، اياز گل، ادل سومرو، زاهد شيخ، تاجل بيوس، زخمي چانڊيو، نظر پياسي، سميع بلوچ، ڪوثر ٻرڙو، ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳائي، سندن پيغام کي جھر جھنگ تائين پهچايو. سنڌي عوام ۾ کيس ’سنڌ جو ٻيجل‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. نامياري شاعر تاجل بيوس کيس ’راڳ جو راڻو‘ ۽ ’سنڌ جو وڪٽر هارا‘ ڪري سڏيو آهي. سرمد سنڌي سائين جي.ايم سيد جي سالگرهه جي پروگرامن ۾ هر سال پابنديءَ سان شريڪ ٿيندو هو. سندس زندگيءَ ۾ صرف سنڌ سان محبت هوندي هئي. سرمد سنڌي هڪ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ سخت زخمي ٿيو، جنهن ۾ سندس هڪ ڄنگھ جي هڏي ڀڄي پئي هئي، جنهنڪري کيس ڪراچيءَ جي اسپتال مان لوهي راڊ لڳي ۽ پاڻ ان جي وسيلي هلڻ لڳو. ڪجھه عرصي بعد 27 ڊسمبر1996ع تي بدين مان هڪ پروگرام ڪري، ڪوسٽر ذريعي ڪراچي واپس وڃي رهيو هو ته ديوان شگر مل ٺٽي ويجھو ڪوسٽر جو ڪمند سان ڀريل هڪ ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. کيس ڪراچيءَ نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين ۽ 35 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو. سـندس زندگيءَ جو آخري آڊيو البم ’ماروئڙا شهزور‘ هو، جنهن ۾ زاهد شيخ، اياز گل، زخمي چانڊئي ۽ ٻين شاعرن جا گيت شامل هئا. سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز سرمد سنڌيءَ جي وفات تي تعزيتي تاثر ۾ لکيو آهي ته: ”سرمد جو آواز اڃا تائين ڪَتين جي ڪنن ۾ گونجندو هوندو ۽ ستارا اهو ٻڌي سوچيندا هوندا ته سنڌ، ڌرتيءَ جو اهڙو اپگرهه آهي،جتي اهڙي لازوال ڏات پيدا ٿي سگھي ٿي.“ سرمد سنڌيءَ کي پٽ ڄمڻ جي تمام گهڻي خواهش هوندي هئي. سرمد سنڌيءَ جي وفات کان ٽي ڏينهن پوءِ سندس ونيءَ هڪ پٽ کي جنم ڏنو، جنهن جو نالو ’عزيزالرحمان‘ رکيو ويو. کيس هڪ پٽ ۽ ڌيءَ ماريه جو اولاد آهي. هن وقت سرمد سنڌيءَ جو ننڍو ڀاءُ احمد مغل سندس نقش قدم تي هلندي، پنهنجي ڀاءُ جو نالو روشن ڪري رهيو آهي. سرمد سنڌيءَ جي وفات بعد علي حسن چانڊئي سندس ياد ۾ تاثراتن تي ٻَڌل هڪ ڪتاب ’سنڌ جو ٻيجل: سرمد سنڌي‘سهيڙي 1997ع ۾ سرمد سنڌي يادگار ڪاميٽي طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو، جڏهن ته ڪوثر ٻرڙي سندس ڳايل ڪلامن کي سهيڙي هڪ ڪتاب پڻ شايع ڪرايو آهي.


لفظ سرمد سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.07.07  عيسوي

سنڌ جي ناليواري قومي راڳي سرمد سنڌيءَ جو اصل نالو عبدالرحمان ولد محمد حيات مغل هو. سندس جنم 7 جولاءِ 1961ع تي ضلعي خيرپورميرس جي هڪ ننڍڙي شهر پريالوءِ ۾ ٿيو.


1996.12.27  عيسوي

سرمد سنڌي 27 ڊسمبر 1996ع تي بدين مان هڪ پروگرام ڪري، ڪوسٽر ذريعي ڪراچي واپس وڃي رهيو هو ته ديوان شگر مل ٺٽي ويجھو ڪوسٽر جو ڪمند سان ڀريل هڪ ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. کيس ڪراچيءَ نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين ۽ 35 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صابري غلام فريد
شاهه لطيف جا موجوده راڳي
ٻڍو فقير
عبدالله ڪڇي
خوشي ڪي مٽائي
سيد احمد شاهه
ديوان موتيهار
عبدالغفور سومرو
جيوڻي ٻائي
ٻارٽ
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون