ساگراڻي

ساگراڻي (ذات): سنڌ ۾ رهندڙ هڪ ذات، جيڪي درياهن ۽ سمنڊن جي رهائشي نسبت سان ذات جا ’ساگراڻي‘ سڏجن ٿا، انهن کانسواءَ هندن جي ڇاٻڙيا نک مان حيدرآباد جي مکين جي هڪ ڪٽنب جو نالو ساگراڻي آهي. هڪ روايت موجب ايوڌيا جي هڪ راجا جو نالو ’ساگر‘ هو، جنهن جي اولاد ۽ پـوئلڳــن به پاڻ کي ’ساگراڻي‘ سڏايو. هندن جي عقيدي موجب ساگر ست آهن: (1) لوڻ جو ساگر، (2) کير جو ساگر، (3) گيهه جو ساگر، (4) ڏهيءَ جو ساگر، (5) شراب جو ساگر، (6) ڪمند جي رس جو ساگر ۽ (7) ماکيءَ جو ساگر، جن جي پوڄا ڪرڻ وارن کي ’ساگراڻي‘ سڏين ٿا. ساگراڻين جا ڪجھه گھر حيدرآباد ۾ رهندا هئا.
ساگراڻي ذات جي ’ڇاٻڙي‘ نک وارا شڪارپور جا ڄيٺملاڻي چيا وڃن ٿا، جن جو وڏو ڏاڏو ديوان ڄيٺمل، ميرن جي صاحبيءَ ۾ شڪارپور جو گورنر هو. هن نک وارا پنجاب ۾ به هئا ۽ اروڙونسي سڏبا هئا. هي لهاڻا هئا، جيڪي سري رامچندر جي پٽ ’لو‘ جو اولاد ۽ مهاديو جا پوڄاري هئا. حيدرآباد جا ڇٻلاڻي ۽ منگهو ملاڻي به پنجاب ۾ رهندا هئا، جتان 1725ع ڌاري سنڌ ۾ آيا.


لفظ ساگراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو