ساڙهي

ساڙهي

ساڙهي

ساڙهي (لباس): عورتن جو مشهور لباس، جنهن کي ننڍي کنڊ، خاص ڪري هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ خاص اهميت حاصل آهي. هندستان ۾ هيءُ لباس عام طور هندو عورتون پائين ٿيون، پر بنگلاديش ۾ مسلمان عورتون پڻ پائين ۽ پاڪستان ۾ به ساڙهيءَ جو فيشن عام آهي. ورهاڱي کان اڳ (توڙي پوءِ) وڏ گهراڻيون سنڌي هندو عورتون ساڙهي پائينديون هيون ۽ اهو رواج اڄ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انگريزيءَ ۾ هن لباس کي ’ساري‘ (Sari) چيو ويندو آهي. هي لباس عام طور جرڪندڙ رنگن/ ڌاڳن سان ڀريل ڀرت تي سوٽي، ريشمي ۽ بنارسيءَ جي پنجن کان ستن ميٽرن ڊگھي ڪپڙي تي مشتمل هوندو آهي، جنهن کي چيلهه کان کاٻي طرف ورائي، اڳيان واري حصي تي وچ ۾ خوبصورتي وڌائڻ لاءِ گھنج (پليٽون) ڏئي، وري کاٻي پاسي هڪ ڀيرو ورائي، کاٻي ڪنڌ تي رکبو آهي. ڪنڌ جي پرئين پاسي ڇڏيل ڪپڙي کي پلو چيو ويندو آهي، جنهن کي عورتون پنهنجي مرضيءَ مطابق مٿي تي رکنديون آهن يا ڇڏي ڏينديون آهن. گجراتي ۽ پارسي عورتون ساڙهيءَ جو پلؤ پٺيان کان ڦيرائي اڳيان رکنديون آهن. جسم جي مٿئين حصي کي ڍڪڻ لاءِ الڳ ساڙهيءَ جي رنگ جهڙي يا ان سان ٺهڪندڙ رنگ جي ڪپڙي جي ننڍڙي چولي (بلائوز) هوندي آهي. موجوده وقت ساڙهي هندستان جو قومي لباس آهي، خوبصورت رنگن ۽ ديده زيب ڊزائين واريون ساڙهيون دنيا جي هر خطي ۽ ملڪ ۾ شوق سان ڪتب آنديون وڃن ٿيون.


لفظ ساڙهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو