ساند

ساند (ذات): ’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ جي صفحـي نمبر 628 موجب سام ۽ جادم جي اولاد مان ’نرپٽ‘ هو، جيڪو سنڌ، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ جي سمن جو چڱو مڙس هو. سندس اولاد مان لاکي گوڙا کي اٺ پُٽَ هئا، جن مان هڪڙي پٽ جو نالو ’ساند‘ هو، جنهن جو اولاد ’ساند سما‘ ذات جي نالي سان سڏيا ويندا آهن. باقي ٻين نسلن وارا ’ساند‘ سميجا، ابڙا ۽ ملاح نسل مان شمار ڪيا وڃن ٿا. ڏاهر ذات جي هڪڙي پاڙي جو نالو پڻ ساند آهي. ساڳئي ڪتاب ۾ خير محمد ٻرڙي جي تحقيق موجب، پلي بن رائيڌڻ کي ست پٽ هئا، جن مان هڪـڙي پٽ جو نالو ساند هو، جيڪو پنهنجي قبيلي جو سردار هو. سـندس اولاد ۽ راڄ پڻ پاڻ کي ساند ذات جو سڏايو. ساندن جي خاص پاڙن ۾: ازدين، ڀـنگـر، تڳـدار، پلـي، جڻا، جڻيجا، دليپوٽا، رُڄڻ، رُوها، ساند، سما، سمي پوٽا، سميجا، ڏاهـر (ڏهر)، ڪامڙا، گهمڻ، مريڙا ۽ وڙيل شامل آهن.


لفظ ساندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو