سارڪ

سارڪ

سارڪ

سارڪ (SAARC): سارڪ ڏکڻ ايشيا جي قومن جي هڪ تنظيم آهي، جنهن جو بنياد 8 ڊسمبر 1985ع تي بنگلاديش ۾ پيو. ’سارڪ‘، اصل ۾’سائوٿ ايشين ائسوسيئيشن فار ريجنل ڪوآپريشن‘(SAARC) جو مخفف آهي. هن تنظيم جا بنيادي ست ميمبر ملڪَ: بنگلاديش، ڀوٽان، ڀارت، مالديپ، نيپال، پاڪستان ۽ سريلنڪا هئا، جن ڏکڻ ايشيا ۾ اقتصادي ۽ سماجي ترقي، تهذيبي واڌاري، ٽيڪنالاجيءَ جي واڌويجهه ۽ ترقي پذير ملڪن سان دوستيءَ بابت هڪ بنيادي چارٽر منظور ڪيو. ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي وچ ۾ علائقائي سهڪار جو سڀ کان پهرين تصور اپريل، 1947ع ۾، ايشين رليشنز ڪانفرنس، نئين دهليءَ ۾، بحث هيٺ آيو هو. ان کانپوءِ فلپائين ۾، مئي 1950ع ۾ ٿيل، Baguio Conference ۾ به ان خيال کي دهرايو ويو. اهڙيءَ ريت ’ڪولمبو پاورس ڪانفرنس‘ ۾ 1954ع ۾ ان خيال کي هٿي ملي، جنهن بعد بنگلاديش جي اڳوڻي صدر ضياءُ الرحمان، 2 مئي 1980ع تي، علائقائي تعاون جي سوچ پيش ڪئي، ۽ اڳتي هلي ڊسمبر 1985ع ۾ سارڪ جو وجود پيو. هن وقت هن تنظيم جا 8 ميمبر آهن، جن ۾ افغانستان تازو 2007ع ۾ شامل ٿيو آهي. هن تنظيم جو سڀ کان وڏو امدادي ملڪ (Donor Country) سريلنڪا آهي. ملڪي سربراهن جا اجلاس واري واري سان هر ميمبر ملڪ ۾ هر سال ٿيندا رهندا آهن. سارڪ جي خارجيه سيڪريٽرين جو اجلاس، سال ۾ ٻه دفعا ٿيندو آهي. هن تنظيم جو هيڊڪوارٽر، نيپال جي گاديءَ وارو شهر ’کٽمنڊو‘ آهي.
هن تنظيم هڪٻئي سان سهڪار لاءِ 11 شعبا مخصوص ڪيا آهن، جن ۾ زراعت، تعليم، ثقافت، راندين، صحت، عورتن ۽ ٻارن جي ڀلائي، ماحوليات، سياحت، ٽرانسپورٽ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ منشيات جي روڪٿام شامل آهن.
2013ع تائين سارڪ جون مختلف ميمبر ملڪن ۾ 18 گڏجاڻيون ٿي چڪيون آهن، جن مان چوٿين (1988ع) ۽ ٻارهين (2004ع) گڏجاڻيون پاڪستان جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته تيرهين گڏجاڻي (2005ع) بنگلاديش ۾، 14 گڏجاڻي (2007ع) ڀارت، 15 گڏجـاڻـي (2008ع) سري لنڪا ۾، 16 گڏجاڻي (2010ع) ڀوٽان ۾، 17 گڏجاڻي (2011ع) مالديپ ۾ ۽ 18 گڏجاڻي (2013) نيپال ۾ ٿي گذريون آهن.


لفظ سارڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو