ساريا

ساريا (ذات): ساريا ذات وارا سميجا ڪل مان چيا وڃن ٿا، جن جو واسطو انڙن سان آهي. ساريا، سمن، ابڙن ۽ ملاحن ۾ ٿين. هي قديم سماٽ ذات آهي، جنهن ۾ ڌاريجا، راهوجا، مناهيجا، فيروزيجا، ڪيريا ۽ منگواڻا شامل آهن. ساريا جنگجو رهيا آهن. کيسن پنهنجو لشڪر هوندو هو. دادو ضلعي جا شهر ڪَڪڙ ۽ خانپور سندن خاص علائقو آهن. ڪا ساريا دعويٰ ڪن ٿا ته هو عرب آهن. حضرت عمر فاروق رضه جي هڪ خاص سپهه سالار جو نالو ’ساريو‘ هو، جنهن جو اولاد آهن. ناليوارو قومپرست اڳواڻ پنهل ساريو، شاعر ناصر ساريو به هن ذات سان تعلق رکن ٿا.


لفظ سارياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو