رڪ سنڌي

رڪ سنڌي

رڪ سنڌي

رڪ سنڌي: نامور صحافي ۽ ليکڪ رُڪ سنڌيءَ جو اصل نالو غلام اصغر ولد غلام جعفر منگي آهي. سندس جنم 5 آگسٽ 1961ع تي ڳوٺ حامد اڄڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان؛ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڊياري مان؛ انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري مان؛ بي. ايس. سي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪئي. روزگار سانگي ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. مختلف ادارن ۾ نوڪريءَ بعد مڪاني اداري ۾ يونين ڪائونسل سڪرنڊ ۾ ملازم ٿيو. جنهن بعد انسپيڪٽوريٽ آف سائنس جي چيف انسپيڪٽر جي آفيس ڪراچيءَ ۾ ملازم ٿيو، جتي 1999ع تائين نوڪري ڪيائين. رڪ سنڌيءَ 1990ع کان صحافت ۾ پير پاتو ۽ روزاني عوامي آواز ۾ سب ايڊيٽر ٿيو. جنهن بعد روزاني سنڌ سجاڳ، جاڳو ڪراچيءَ ۾ بحيثيت ايڊيٽر ۽ پبلشر ۽ روزاني سچ، روزاني سوڀ، روزاني تعمير سنڌ ۾ نيوز ايڊيٽر، اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. رڪ سنڌي، مڙني سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا آهن. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي، (2) ٽوڙهي ڦاٽڪ جو سـانحــو، (3) سنڌي قوم جو مـقـدمــو، (4) سنڌ جي سياسي صورتـحــال، (5) سنڌ آزاديءَ ۽ انقلاب، (6) تاريخ جي لاٽ، (7) قاضي فيض محمد، (8) ســنڌ جي قـومـي تـحـريـڪ ۾ سـنڌين جو اتحاد، (9) اڄ جي سنڌ، (10) سنڌو سڀيتا جي اوسر، (11) پاڪستان طوفان جي گهيري ۾ (بينظير ڀٽو جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو)، (12) سنڌي ٻولي رت رتولي، (13) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي شايع ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.08.05  عيسوي

صحافي ۽ ليکڪ رُڪ سنڌيءَ جو اصل نالو غلام اصغر ولد غلام جعفر منگي آهي. سندس جنم 5 آگسٽ 1961ع تي ڳوٺ حامد اڄڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجه محمد شريف طوسي
سيد غلام رسول شاهه
عبدالرحمان قاضي1
جان محمد مھر
زاهد ملڪ
شوداساڻي جيرامداس
درس عبدالغني
ڏيپلائي محمد عثمان
امان الله چانڊيو سنڌي
حيدري نذير حسين
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون