رِنيسانس

رِنيسانس Renaissance):نئين سجاڳي/ نشاه ثانيه): اها اهڙي ثقافتي جاڳرتا واري تحريڪ هئي، جنهن قديم دنيا، خاص ڪري روم ۾ وڏو جوش خروش پيدا ڪيو، جيڪو ٻن صدين کان وڌيڪ قائم رهيو. 14، 15 ۽ 16 صديءَ ۾ سڄي يورپ، خاص ڪري اٽليءَ جي قلمڪارن جيڪو اهم تصور ۽ خيال پيش ڪيو، سو هو فن جي دنيا ۾ نئين جنم جو ۽ ادب، سنگتراشي ۽ عمارتسازيءَ (architecture) جهڙن فنن ۽ هنرن ۾ نئين سوچ جو، جيڪي گاٿڪ دؤر ۾ زوال پذيريءَ جو شڪار ٿي ويا هئا. بنيادي طرح سان اهو دؤر لاطيني ٻوليءَ جو به ٻيو جنم سمجهيو ويو، جيڪا رومي سلطنت جي زوال کان پوءِ اظهار جي ذريعي جي زبان به نه رهي هئي. هن ثقافتي انقلاب کان اڳ جي دورن کي اونداهو ۽ وچيون دؤر سڏيو ويو، جن سندن شاندار ماضيءَ کي ڌنڌلائي ڇڏيو هو. انهيءَ ماضيءَ جي يادگارن کي ڳولي ٻيهر جياريو ويو. رومي ليکڪ سسيرو جي شاهڪار لکڻين کي پيٽرارڪ ڳولي هٿ ڪيو، ائين ئي قديم عمارتسازيءَ، سنگتراشيءَ جي مڃتا ڪئي وئي ۽ قديم روم جي فن کي ٻيهر اجاريو ويو. هن تحريڪ جي هڪ ٻي نشاني ڪلاسيڪي شاهڪارن جي تقليد واري ڪوشش به هئي ته جيئن ماڻهو وري پنهنجي ان دؤر جي طرف موٽي پنهنجي ثقافت تي فخر ڪرڻ سکن. پيٽرارڪ، ورجل جي اسلوب ۾ ’افريڪا‘ نالي جنگنامو لکيو، مائيڪل اينجلو روم جي ڪلاسيڪي مجسمن کان اتساهه وٺي مجسمي سازي ڪئي، رئفل جهڙن چترڪارن قديم فن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪري، فن ۾ جدت آندي ۽ موسيقارن به قديم يوناني ۽ لاطيني موسيقيءَ کي ٻيهر جياريو.
اسڪولن ۽ ڪاليجن جي استادن لئٽن ڊراما منعقد ڪرايا، تعليم جو نظام بدلائي، گرامر، فصاحت، بلاغت، شاعري، تاريخ ۽ اخلاقيات جو قديم رومي طريقو ٻيهر رائج ڪيو، جن سان سندن شاگردن ۾ ’انسانيت‘ جو فروغ ٿيو، ان ڪري انهن استادن کي ‘Humanists’ سڏيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۽ قدامت جي احترام سان گڏ هنن پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو به قدر ڪيو ۽ محض نقل ۽ تقليد بدران قديم فن کي جديد دؤر سان هم آهنگ ڪري تخليق ڪئي. فلسفين مان مارسيليو فسينو، افلاطوني مذهبيت (Platonic Theology) کي يوناني ۽ عيسائي روايتن جو ميلاپ سڏيو، نڪولو ميڪياوليءَ چيو ته حڪمرانن کي قديم حڪمرانن جي انداز جي تقليد ڪرڻ گهرجي، پر پنهنجي اقتدار بچائڻ لاءِ پنهنجي دؤر جي تقاضائن کي به پورو ڪرڻ گهرجي. هن جو ڪتاب ’پرنس‘ (Prince) ان ڏس ۾ مثال طور پيش ڪيو وڃي ٿو.
هن تحريڪ جي اهم ڳالهه اٽليءَ جي اصلوڪين ٻولين جو نئون اڀار پڻ هو. پيٽرارڪ نه رڳو ڪلاسيڪي لئٽن ۾ لکيو، پر ديسي ٻوليءَ ۾ به لکيو، جيڪا ٽسڪني (Tuscany) لهجي ۾ هئي، جنهن کي اٽليءَ جي ٻين حصن به اختيار ڪيو، جنهن آخرڪار جديد اطالويءَ جو روپ ورتو. عمارتسازن قديم ڊزائين تي نيون عمارتون جوڙيون.
اٽليءَ جي اهڙي تبديليءَ يا نئين ثقافتي جاڳرتا کي ٻين يورپ جي خطن جي دانشورن ۽ فنڪارن ڏٺو ۽ ساراهيو ۽ پوءِ اختيار ڪيو ۽ هنن ان کي سونهري دؤر سڏيو، جنهن ۾ ادب ۽ علم کي ٻيهر جياپو مليو، جيڪي وٽن تقريباً ختم ٿي چڪا هئا. ڪيترائي علمي ڪتاب لئٽن ۽ اطالويءَ مان فرينچ، اسپيني، انگريزي ڪن ٻين يورپي ٻولين ۾ ترجمو ڪيا ويا، جيڪي 1450ع ۾ پرنٽنگ پريس جي ايجاد کانپوءِ گهڻا عام ٿيا. اطالوي فنڪارن کي شهرت ملي. ليونارڊو ڊاونچي فرانس ويو، پيٽرو ٽارنگيانو سنگتراش هڪ جهيڙي ۾ مائيڪل اينجلو جو نڪ ڀڃي وڌو هو، نتيجي ۾ هو انگلنڊ لڏي ويو، جتي وڃي هن ويسٽمنسٽر ايبي ۾ هينري-7 جي مقبري تي ڪم ڪيو.
سموري يورپ جي شاعرن اطالوي ۽ ٻين قديم شاعرن جي تقليد ڪئي ۽ ادب ۾ لئٽن بدران ديسي ٻولين جو فروغ ٿيو، جيئن جيئن ’نئين جاڳرتا‘(Renaissance) جو اثر پکڙيو، هڪ ’نئين دؤر‘ جو آغاز ٻين علمي کيترن ۾ به ٿيو، جن ۾ سائنس، طب، کوجنا ۽ ايجادون شامل آهن. هن ’نئين دؤر‘ ۾ قطب نما (Compass) ايجاد ٿيو ۽ دنيا جا نوان کنڊ لڌا ويا، پرنٽنگ پريس وجود ۾ آئي، جنهن ڄاڻ کي پکيڙيو، بارود جي استعمال جنگ جي فن کي بدلائي ڇڏيو، قديم علمي ادبي نسخا لڌا ۽ علميت (Scholarship) جو مان مٿانهون ٿيو ۽ اهي ئي هن ’نئين دؤر‘ (New Age) جا نمايان نشان ۽ ان جي ڪاميابيءَ جو اهڃاڻ بڻيا.
’نئين جاڳرتا‘ جو سڄيءَ دنيا جي لطيف فنن (Fine Arts) ۽ ٻين علمن تي وڏو اثر پيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو