ريڊيو پاڪستان

ريڊيو پاڪستان

ريڊيو پاڪستان اسلام آباد

ريڊيو پاڪستان اسلام آباد

ريڊيو پاڪستان ڪراچي

ريڊيو پاڪستان ڪراچي

هومسٽيڊ هال، جتي ريڊيو حيدرآباد جي پراڻي آفيس هئي

هومسٽيڊ هال، جتي ريڊيو حيدرآباد جي پراڻي آفيس هئي

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي موجوده عمارت

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي موجوده عمارت

ريڊيو پاڪستان خيرپور

ريڊيو پاڪستان خيرپور

ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو

ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو

ريڊيو پاڪستان مٺي

ريڊيو پاڪستان مٺي

ريڊيو پاڪستان

ريڊيو پاڪستان: پاڪستان جي قيام ۽ ريڊيو پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي تاريخ ساڳي آهي. چوڏهين آگسٽ 1947ع جي رات 11 لڳي 59 منٽ ۽ 20 سيڪنڊن تي پاڪستان هڪ آزاد خودمختيار ملڪ جي حيثيت ۾ دنيا جي نقشي تي وجود ۾ آيو. قيام پاڪستان وقت پاڪستان جي حصي ۾ تي ريڊيو اسٽيشنون: لاهور، پشاور ۽ ڍاڪا آيون، جن به ساڳئي وقت پنهنجي نشريات ۾ پاڪستان جي قيام جي مبارڪباد ڏني. پشاور ۾ 10 ڪلو واٽ جو ميڊيم ويوز ٽرانسميٽر ۽ لاهور ۾ مارڪوني ڪمپنيءَ جو ٺاهيل پنجن ڪلو واٽ جو ٽرانزسٽر هو. پشاور مان پاڪستان جي قيام جي مبارڪباد جو اعلان اردوءَ ۽ پشتوءَ ۾، لاهور مان اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ۽ ڍاڪا مان بنگالي ۽ انگريزيءَ ۾ ٿيو. لاهور مان اعلان کانپوءِ اردو ۽ پنجابيءَ ۾ خوشيءَ جا گيت گونجڻ لڳا، جڏهن ته ريڊيو پاڪستان پشاور تان اڌ ڪلاڪ اردو ۽ اڌ ڪلاڪ پشتو پروگرام نشر ڪيو ويو. اردوءَ جا پروگرام احمد نديم قاسميءَ لکيا، جڏهن ته نغما پشتو جي مشهور شاعر بابا سمندر خان ’سمند‘ لکيا هئا. ريڊيو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لاهور ۽ پشاور آل انڊيا ريڊيو نيٽ ورڪ جو حصو هئا. لاهور ريڊيو اسٽيشن 11 ڊسمبر 1937ع تي قائم ٿي هئي. ڪراچي ريڊيو اسٽيشن جو افتتاح 14 آگسٽ 1948ع تي ٿيو ۽ ان جو پهريون ڊائريڪٽر سجاد سرور نيازي هو. 15 آگسٽ جي صبح ساڍي ڇهين وڳي نئين اسٽيشن جي پهرين اعلان کانپوءِ زاهد قاسميءَ تلاوت ڪلام پاڪ ڪئي، ان بعد مولانا شبير احمد عثمانيءَ مختصر تقرير ڪئي. ان ڏينهن جي افتتاحي تقريب ۾ محفل موسيقيءَ ۾ استاد بنده خان، بڙي غلام علي خان ۽ ملڪه پکراج پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
17 جولاءِ 1951ع تي ريڊيو پاڪستان ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو ۽ ان جو افتتاح لياقت علي خان ڪيو، اهو هنڌ ريڊيو ڪراچيءَ جي موجوده عمارت آهي. ڪراچي اسٽيشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نيون ريڊيو اسٽيشنون قائم ڪرڻ لاءِ سوچيو ويو. 1949ع ۾ راولپنڊيءَ ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي، 1955ع ۾ حيدرآباد ۾ هڪ ڪلو واٽ جو ميڊيم ويوز ٽرانزسٽر نصب ڪيو ويو، جنهن تجرباتي نشريات 14 آگسٽ کان شروع ڪئي. 16 سيپٽمبر کان ساڍن پنجن ڪلاڪن جي ٽرانسميشن روزانو شام جو پنجين وڳي کان رات جو ساڍي ڏهين وڳي تائين نشر ٿيندي هئي، جنهن ۾ 60 سيڪڙو سنڌي ۽ 40 سيڪڙو اردو پروگرام نشر ٿيندا هئا. 1956ع ۾ ڪوئيٽا جي علائقائي ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪئي وئي ۽ اتان به ابتدائي سروس شام جو شروع ڪئي وئي، جتان بلوچي براهوي، پشتو ۽ اردو پروگرام نشر ٿيندا هئا. مئي 1956ع ۾ جناب زيڊ. اي. بخاري سروس تان رٽائر ٿيو. سندس جاءِ تي سيد رشيد احمد کي ريڊيو پاڪستان جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. سيد رشيد احمد جي دور ۾ موسيقيءَ وڏي ترقي ڪئي. سيپٽمبر 1962ع ۾ ’ظهور آذر‘ ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل جو منصب سنڀاليو. ان دور ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ 1965ع واري جنگ لڳي. جنگ دوران ريڊيو پاڪستان تان جنگي نغما ۽ وطن جا گيت پيش ڪيا ويا. اهو دور مهدي حسن ۽ ملڪه ترنم نورجهان جو دور هو. جنوري 1966ع ۾ ’ظهور آذر‘ لنڊن روانو ٿيو ۽ ميجر منير حسين شاهه ريڊيو پاڪستان جون واڳون سنڀاليون. 1969ع ۾ ان وقت جي مشرقي پاڪستان جو هڪ ذهين آفيسر فيض الرحمان ڊائريڪٽر جنرل بڻيو، پر 1971ع واري جنگ کانپوءِ کيس هٽائي، سيد جلال حيدر زيديءَ کي ريڊيو پاڪستان جو سربراهه بڻايو ويو. ان کانپوءِ خواجه شاهد حسين سربراهه بڻيو. 1972ع جي آخر ۾ ريڊيو پاڪستان کي ڪارپوريشن جو درجو ڏنو ويو. 1974ع ۾ سيد جلال حيدر زيدي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊائريڪٽر جنرل بڻيو. ان کان پهرين 1970ع ۾ فيصل آباد ۾، 1975ع ۾ بهاولپور ۾ اسٽيشنون قائم ٿي چڪيون هيون. ان کانپوءِ قاضي احمد سعيد ڊي جي ريڊيو پاڪستان بڻيو. قاضي صاحب جي دور ۾ 1979ع ۾ اسڪردو ۽ گلگت مان ۽ 1981ع ۾ تربت، ديره اسماعيل خان ۽ خضدار مان نشريات جو آغاز ٿيو، 1983ع ۾ خيرپور ريڊيو اسٽيشن وجود ۾ آئي. سعيد احمد قاضي 1984ع ۾ رٽائر ٿيو، ڊائريڪٽر آف نيوز خواجه غلام مرتضيٰ بڻيو، پر سندس زندگيءَ ساٿ نه ڏنو. سندس وفات کانپوءِ سيد سليم گيلاني ريڊيو پاڪستان جو اعليٰ آفيسر مقرر ٿيو. سليم گيلاني ريڊيو ۾ انقلابي تبديليون آڻي نئين طرز جو آغاز ڪيو. هر ڪلاڪ کانپوءِ ماڻهن کي خبرون ٻُڌڻ لاءِ مليون. 1988ع کانپوءِ آغا ناصر ۽ 1990ع ۾ ٻيهر سليم گيلاني ريڊيو پاڪستان جا ڊي. جي بڻيا. ان کانپوءِ عبدالخالق اعواڻ ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل ٿيو. سندس دور ۾ ريڊيو جي نشريات سيٽلائيٽ جي ذريعي 36 ملڪن ۾ ٻڌجڻ لڳي. کانئن پوءِ سندس جاءِ تي محمد عباس ڊي. جي بڻيو. 1997ع تائين سربراهه رهيو. ان کانپوءِ ريڊيو جو سربراهه خواجه اعجاز ’سرور‘ ٿيو، جنهن بعد ريڊيو پاڪستان جو ڊي. جي سيد انور محمود بڻيو. 2008ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ مرتضيٰ سولنگيءَ کي آمريڪا مان گهرائي ڊي. جي ريڊيو پاڪستان بنايو ويو، جيڪو اڃا تائين هن عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.
هن وقت تائين ريڊيو پاڪستان جون پوري ملڪ ۾ ڪل 27 اسٽيشنون قائم ٿي چڪيون آهن، جن ۾ پشاور، لاهور، راولپنڊي- I، راولپنڊي-II، راولپنڊي-III، ڪراچي، حيدرآباد، ڪوئيٽا، ملتان، بهاولپور، اسلام آباد، گلگت، اسڪردو، تربت، ديرو اسماعيل خان، خيرپور، خضدار، فيصل آباد، ايبٽ آباد، سبي، چترال، لاڙڪاڻو، لورالائي، مٺي، زوب ۽ ڀٽ شاهه اسٽيشن شامل آهن، جيڪي روزانو 22 ٻولين ۾ مختلف پروگرام پيش ڪري رهيون آهن. ريڊيو پاڪستان جون سڀ اسٽيشنون هن وقت مجموعي طور 95 سيڪڙو آدمشماري ۽ 75 سيڪڙو ايريا کي ڪوَر (Cover) ڪن ٿيون. ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنن ۾ 4150 کان مٿي ملازم ڪم ڪن ٿا ۽ سندس سالياني بجيٽ 800 ملين روپين کان به وڌيڪ آهي. هتي سنڌ جي ريڊيو اسٽيشنن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو:
ريڊيو پاڪستان ڪراچي: سنڌ ۾ پهرين ريڊيو اسٽيشن ڪراچيءَ جو بنياد، جولاءِ 1948ع ۾ زيڊ. اي. بخاريءَ وڌوهو، جيڪا ريڊيو انڊيا جي نيٽ ورڪ تي ڪم ڪندي هئي، جنهن جي آفيس ميونسپل انتظاميه طرفان ڏنل انٽيليجنس اسڪول ۾ چئن ڪمرن تي مشتمل هئي. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جو باقاعدي افتتاح 14 آگسٽ 1948ع تي اڳوڻي وزيراعظم لياقت علي خان ڪيو هو. هن افتتاحي تقريب ۾ حفيظ جالنڌري، استاد بنده خان، بڙي غلام علي خان ۽ ملڪه پکراج ۽ ٻيا به شامل هئا. هن ريڊيو اسٽيشن جو پهريون اسٽيشن ڊائريڪٽر سجاد سرور نيازي هو. ريڊيو جي پهرين ٽيم ۾ ڊاڪٽر افضال اقبال، ضياء جالنڌري، حميد نسيم، اثنين قطب ۽ سيد ظفر حسين شامل هئا. 17 جولاءِ 1951ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ کي نئين هنڌ منتقل ڪري پنهنجي الڳ آفيس ڏني وئي، جيڪا اڄ تائين قائم آهي. ان نئين آفيس جو افتتاح لياقت علي خان ڪيو هو. هن ريڊيو اسٽيشن ابتدا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪافي اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ريڊيو اسٽيشن لاءِ ڪيترن نامور شخصيتن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. سنڌ جي ٻين شهرن ۾ قائم اسٽيشنن جي ڀيٽ ۾ هيءَ مکيه اسٽيشن آهي. صوبائي نشريات به هن اسٽيشن تان آن ايئر (نشر) ڪئي ويندي آهي.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سنڌ جي تاريخي اسٽيشن آهي. هيءَ ريڊيو اسٽيشن 1955ع ۾ هومسٽيڊ هال، حيدرآباد ۾ قائم ٿي هئي ۽ ريڊيو اسٽيشن جو افتتاح ان وقت جي وزير تعليم پير علي محمد راشدي ڪيو. 1956ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد موجوده عمارت ۾ منتقل ٿيو هو. هن اسٽيشن جتي فن جي دنيا ۾ وڏا وڏا نالا ڏنا، اتي هيءَ اسٽيشن پوري سنڌ جي نمائنده اسٽيشن جو درجو پڻ رکي ٿي. ڪراچي ريڊيو اسٽيشن کانپوءِ سنڌ ۾ ٻي نمبر تي هيءَ اسٽيشن وجود ۾ آئي. ريڊيو جي آغاز کان پوءِ ان زماني جا بهترين براڊڪاسٽر الياس عشقي، ايم. بي. انصاري، ماسٽر محمد ابراهيم، سيد منظور نقوي، زيب عاقلي، اقبال جعفري، مصطفيٰ قريشي، روبينه، سشيــلا مهـتاڻي، بيـنش سليـمـي، ممتاز مرزا، مراد علي مـرزا، استاد منظور علي خان، نسيم مغل، بلاول ’بيلجم‘، عبدالڪريم بلوچ، منظور قريشي وغيره هئا. ڪارڪردگيءَ جي لحاظ کان حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن هر طرح پهرين نمبر تي رهي. ڊرامن، گيتن ڀرين ڪهاڻين، موسيقي، علمي، ادبي، تعليمي، معلوماتي زرعي، ديني، سائنسي ۽ ٻارن جي پروگرامن ۾ هيءَ اسٽيشن اڳري رهي آهي. ناميارا اداڪار ۽ فنڪار علڻ فقير، عبدالحق ابڙو، جيجي زرينه بلوچ ۽ ٻيا هن ريڊيو اسٽيشن تان ئي متعارف ٿيا.
ريڊيو پاڪستان خيرپور: سنڌ ۾ ٽين ريڊيو اسٽيشن خيرپور ۾ قائم ٿي، جنهن جو اعلان حڪومت پاڪستان پهريون ڀيرو 31 مئي 1968ع تي ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي خيرپور شهر ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪرڻ لاءِ 2 آگسٽ 1974ع تي منظوري ڏني. هن ريڊيو اسٽيشن جو سنگ بنياد ان وقت جي وفاقي وزير صنعت ۽ امور ڪشمير سيد قائم علي شاهه 27 مئي 1976ع تي رکيو. ستن سالن کان پوءِ هن اسٽيشن تي عارضي ٻن ڪلاڪن جي نشريات جو افتتاح 21 مارچ 1983ع تي وزير اطلاعات ۽ نشريات راجا ظفرالحق ڪيو. ريڊيو پاڪستان جي موجوده عمارت مان مڪمل نشريات جو افتتاح 07 مئي 1986ع تي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي ڪيو. هن ريڊيو اسٽيشن کي اتر سنڌ ۾ ڪافي اهميت حاصل رهي آهي. هن ريڊيو اسٽيشن تان سنڌي ۽ اردوءَ ۾ نشريات ٿيندي رهي آهي. هن ريڊيو تان ڪيترا فنڪار متعارف ٿيا آهن، جن بعد ۾ ڪافي نالو ڪمايو، انهن ۾ غفور سومرو، سرمد سنڌي، شمن ميرالي، برڪت علي، غلام علي سنديلو، فرزانه پروين ۽ ٻيا قابل ذڪر آهن. هن ريڊيو جي نشريات ماضيءَ ۾ ڀارت جي سرحدن ۾ به ٻُڌي ويندي آهي. هن ريڊيو اسٽيشن تي مختيار ملڪ، نصير مرزا، ڪوثر ٻرڙو، زاهد قلباڻي ۽ ٻيا اسٽيشن ڊائريڪٽر رهيا. هن وقت ريڊيو اسٽيشن جو ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ آهي ۽ هن وقت ريڊيو جي نشريات 101 ميگا هرٽز تي هلي رهي آهي.
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو: سنڌ ۾ ريڊيو پاڪستان جي چوٿين اسٽيشن لاڙڪاڻي جو افتتاح 24 سيپٽمبر 1995ع تي اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو ڪيو. هن ريڊيو اسٽيشن کي ڏهه ڪلو واٽ جو ٽرانزسٽر ڏئي 101 ميڊيم ويوِز (لهرن) تي نشريات شروع ڪئي وئي. هي ريڊيو اسٽيشن لاڙڪاڻي ۾ پوليس ٽريننگ، اسٽيشن (پي. ٽي. ايس) ڀرسان وڳڻ روڊ تي قائم ڪئي وئي آهي. هن ريڊيو اسٽيشن جو پهريون اسٽيشن ڊائريڪٽر امداد علي خواجا هو، جڏهن ته ٽيم ۾ ڪوثر ٻرڙو، نور محمد خاصخيلي ساڻس شامل هئا. هن وقت تائين هن ريڊيو اسٽيشن تي رهندڙ اسٽيشن ڊائريڪٽرن ۾ امداد علي خواجا، ضمير علي بدايوني، زاهد قلباڻي، اقبال اعظم فريدي، رياض احمد منهاس، جھانگير احمد قريشي، اختر مرزا، علي نواز خاصخيلي، گل حسن قريشي، شوڪت خاصخيلي، محمد علي ٻانڀڻ، غلام قاسم ٻرڙو (ڪوثر ٻرڙو) ۽ مختيار ملڪ شامل آهن. هن وقت هن ريڊيو جو اسٽيشن ڊائريڪٽر ٻيهر ڪوثر ٻرڙو آهي. امداد خواجه، مختيار ملڪ ۽ ڪوثر ٻرڙي ريڊيو لاڙڪاڻي جي ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
ريڊيو جي مکيه پروڊيوسرن ۾ سيد عابد ڪاظمي، خالد چانڊيو، علي مراد ٽانوري، نادر حسين جوڻيجو قابل ذڪر آهن. هن اسٽيشن جي خبرن واري شعبي جو انچارج الطاف پيرزادو، موسيقيءَ جو انچارج خالد چانڊيو ۽ انجينئرنگ شعبي جو انچارج نثار احمد هڪڙو آهي. هن ريڊيو تي ڪم ڪندڙ اهم ڪمپيئرن ۾ احسان دانش، فياض لطيف، قاسم ڪيهر، شاهين سنڌي، تصور ناز، محراب گوپانگ، عنايت ميمڻ، عادل عباسي وغيره شامل آهن. هن ريڊيو اسٽيشن کي اتر سنڌ ۾ ڪافي اهميت حاصل آهي. هن اسٽيشن جي نشريات بلوچستان تائين ٻڌي ويندي آهي. هن اسٽيشن لاءِ شهيد بينظير ڀٽو 100 ڪلو واٽ جو ٽرانزيسٽر منظور ڪيو هو، جيڪو اڳتي هلي سياسي بنيادن تي پنجاب جي هڪ ريڊيو اسٽيشن کي ڏنو ويو.
ريڊيو پاڪستان مٺي: ريڊيو مٺي، سنڌ ۾ پنجين ريڊيو اسٽيشن آهي، جنهن جو افتتاح 19 سيپٽمبر 2005ع تي اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ، ارباب غلام رحيم ۽ وفاقي وزير اطلاعات ڪيو هو. هن ريڊيو اسٽيشن تان سنڌي، اردو، ڍاٽڪي ۽ مارواڙي ٻولين ۾ پروگرام نشر ٿيندا رهن ٿا. هن ريڊيو اسٽيشن جو مقصد پٺتي پيل علائقن ۾ ڄاڻ جي روشني پهچائڻ ۽ سنڌي ٻولي کي هٿي ڏيارڻ آهي. هن ريڊيو اسٽيشن جي نشريات 108Mhz تي نشر ڪئي وئي. بعد ۾ 93:01 ايف. ايم ۾ تبديل ڪئي وئي. هن ريڊيو جا اسٽيشن ڊائريڪٽر انور هڪڙو، شوڪت خاصخيلي، علي مراد ٽانوري ۽ خليل ڪاڪيپوٽو رهيا آهن. هن وقت ريڊيو ڊائريڪٽر خليل ڪاڪيپوٽو آهي.
ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه: ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه، سنڌ ۾ ڇهين ريڊيو اسٽيشن آهي. جنهن جي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ جي سهڪار سان، 13 ڊسمبر 2008ع تي 93.5 ايف. ايم تان نشريات جاري ڪئي وئي. هن ريڊيو اسٽيشن جو افتتاح ثقافت کاتي سنڌ جي وزير سسئي پليجو ۽ نامور دانشور محمد ابراهيم جويي ڪيو هو.
هن ريڊيو اسٽيشن جو مقصد شاهه لطيف جي فسلفي ۽ فڪر کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ آهي. جڏهن ته هن ريڊيو اسٽيشن جو پهريون ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ هو، جڏهن ته ان کان پوءِ نصير مرزا ۽ مختيار ملڪ هن ريڊيو جا اسٽيشن ڊائريڪٽر رهيا ۽ هن وقت ريڊيو اسٽيشن جو ڊائريڪٽر وسند علي مهر آهي. هن ريڊيو تان ڀٽائي بابت وڌ کان وڌ پروگرام نشر ٿيندا رهن ٿا.


لفظ ريڊيو پاڪستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.08.14  عيسوي

پاڪستان جي قيام ۽ ريڊيو پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي تاريخ ساڳي آهي. چوڏهين آگسٽ 1947ع جي رات 11 لڳي 59 منٽ ۽ 20 سيڪنڊن تي پاڪستان هڪ آزاد خودمختيار ملڪ جي حيثيت ۾ دنيا جي نقشي تي وجود ۾ آيو. قيام پاڪستان وقت پاڪستان جي حصي ۾ تي ريڊيو اسٽيشنون: لاهور، پشاور ۽ ڍاڪا آيون، جن به ساڳئي وقت پنهنجي نشريات ۾ پاڪستان جي قيام جي مبارڪباد ڏني.



حڪومتي ادارا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اطلاعات کاتو سنڌ
سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن
سنڌي ادبي بورڊ
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان
زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽڊ
اوقاف
زراعت کاتو سنڌ
بورڊ آف روينيو
جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ
سول سروس اڪيڊمي سنڌ ڪراچي
حڪومتي ادارا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون