ريوا

ريوا (راڳ): ڪلاسيڪل سنگيت جي قانون مطابق هي راڳ پوربي ٺاٺ جو اوڊو يعني پنجن سرن جو راڳ آهي. هن راڳ جي شڪل مان مڌم (ما) ۽ نکاد (ني) جا سر ورج آهن. ڪجھه سنگيتن ۾ سنگيت جي نائڪن ۽ پنڊتن گنڌار کي وادي ڪري استعمال ڪيو آهي ته ڪن نائڪن وري کرج (سا) کي وادي سر ڪري آلاپيو آهي. هي راڳ اصل ۾ پورو انگ جو راڳ آهي ۽ هن کي آلاپڻ جو وقت شام جو پهر آهي. هن راڳ ۾ سريراڳ جو انگ به ملي ٿو. انهيءَ ڪري هن راڳ ۾ رکب (ري) کي سموادي ڪري آلاپبو آهي. ڪجھه سنگيت پنڊتن جو چوڻ آهي ته هن راڳ مان مڌم (ما) کي خارج ڪيو وڃي ۽ ڪجھه موسيقيءَ جي گرنٿن ۾ هن کي سمپورن ڪري ڳائڻ لاءِ به چيو ويو آهي. پنڊت چتر هن راڳ بابت جيڪا سنگيت ڀاوي ۽ لڪشن ۾ مت ڏني آهي، اها بلڪل صحيح ۽ وقت جي مطابق سرن کي استعمال ڪرڻ ۾ درست ثابت ٿئي ٿي. انهيءَ راڳ ۾ پنچم ۽ گنڌار جي سنگت تمام گھڻو سونهين ٿي. راڳ ترون ۾ مڌم ورج آهي، هن راڳ ۾ مڌم ۽ نکاد ورج آهن، تنهنڪري هي راڳ ترون کان به الڳ نظر اچي ٿو.
آروهي: سا-را-گي-پا-ڌا-سا
امروهي: سا-ڌا-پا-گي-را-سا.


لفظ ريواھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو