رياست خيرپور

رياست خيرپور (ڪتاب): هيءُ ڪتاب، سنڌ جي مشهور عالم ۽ اديب شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، 1922ع ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ خيرپور رياست جي جاگرافيائي، طبعي ۽ قديم تاريخي احوال سان گڏ رياست جي ٽالپر حڪمرانن جي اوائلي حڪمرانيءَ کان وٺي مير فيض محمد خان جي دور تائين احوال ڏنو ويو آهي. مرزا قليچ بيگ، هن ڪتاب جي تصنيف ڪرڻ جو ڪارڻ ڄاڻائيندي ديباچي ۾ لکي ٿو ته، ”هندستان ۾ گهڻو ڪري سڀني هندو توڙي مسلمان راڄواڙن ۽ رياستن جون تاريخون ڇپائي پڌريون ڪيون ويون آهن. مگر سنڌ ۾ جيڪا فقط هڪڙي رياست خيرپور جي آهي، تنهن جي اهڙي ڪا مفصل تاريخ ڇپايل نظر ڪانه آئي.
هن ڪتاب ۾ جملي 20 باب آيل آهن. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 194 صفحا آهن.


لفظ رياست خيرپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو