رونا ليليٰ

رونا ليليٰ

رونا ليليٰ

رونا ليليٰ: رونا ليليٰ راڳ جي دنيا جي نامور ڳائڻي رهي آهي. سندس تعلق اڳوڻي اوڀر پاڪستان (هاڻي بنگلاديش) سان هو. سندس پيءُ جو نالو سيد امداد علي هو.
رونا ليليٰ 1951ع ۾ ڄائي. سندس هڪ ٻي ڀيڻ دينا ليليٰ به ڳائيندي هئي.
رونا ليليٰ راڳ جي تعليم استاد عبدالقادر پياري ڀنگ کان حاصل ڪئي. بنگلاديش جي آزاد ٿيڻ کان اڳ ۾ رونا ليليٰ نوجوان گلوڪاره جي حيثيت ۾ پاڪستان ۾ پاڻ مڃرايو. ان کانپوءِ جڏهن سندس تعلق سنڌ سان جڙيو ۽ سندس ڀيڻ دينا ليليٰ جي شادي سنڌ جي نامور مخدوم خاندان ۾ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ سان ٿي ته رونا ليليٰ سنڌيءَ ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ خاص طور سنڌي فلمن ۾ هن تمام گھڻو ڳايو. ان حوالي سان هن وڏي مقبوليت حاصل ڪري ورتي.
رونا ليليٰ سنڌيءَ کانسواءِ اردو، پنجابي، سرائڪي ۽ بلوچي ٻولين ۾به ڳايو آهي. هن جو مخدوم طالب الموليٰ سان روحاني عشق هو. ان ڪري سندس ڪلام گهڻو ڳايائين.
رونا ليليٰ جا ڳايل ڪجهه مشهور سنڌي گيت هيٺينءَ ريت آهن، جيڪي سنڌ ۾ تمام گھڻا مقبول ٿيا:
(1) ’مون پيار ڪيو سنسار ڇڏيو‘،
(2) ’ڪنهن جي دردِ محبت کي‘،
(3) ’منهنجي اڱڻ تي آيا‘،
(4) ’اڱڻ ٻهاريان‘،
(5) ’منهنجي سڄڻ کي ساري، منهنجا سلام چئجو‘.


لفظ رونا ليليٰھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو