رمضان

رمضان (مهينو): رمضان اسلامي هجري سال جو نائون مهينو آهي. هن مهيني کي رحمتن، برڪتن ۽ بي شمار فضيلتن جو مهينو سڏيو ويو آهي. هن مهيني ۾ ئي چيو وڃي ٿو ته روزا فرض ڪيا ويا. رمضان المبارڪ جو پهريون ڏهاڪو رحمت، ٻيو ڏهاڪو مغفرت ۽ ٽيون ڏهاڪو دوزخ جي باهه کان نجات جو آهي.
هن مهيني لاءِ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته: ”الرّمضاَنُ شَهرُ اُمّتِي“، يعني ”رمضان منهنجي امت جو مهينو آهي.“ رمضان مهيني ۾ ئي قرآن مجيد نازل ٿيو. قرآن مجيد ۾ آهي ته: ”اسان هن قرآن مجيد کي ليلة القدر ۾ نازل ڪيو.“ (سورة القدر). هن قدر واري رات کي هڪ هزار مهينن کان ڀلاري رات قرار ڏنو ويو آهي، اها ستاويهين رمضان جي رات آهي. مڪو شهر، رمضان مهيني ۾ فتح ٿيو، هن مهيني ۾ تراويحون پڙهيون وڃن ٿيون ۽ فطرو به هن مهيني ۾ ڏيڻ جو حڪم آهي.
سن 2 هجريءَ ۾ نبي ڪريم صه عيدالفطر کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ خطبي دوران رمضان پوري ٿيڻ کان پوءِ (پهرين شوال تي) عيد جي نماز پڙهڻ ۽ فطري ڏيڻ جو حڪم فرمايو. اها اسلام جي پهرين عيد ۽ پهريون فطرو هو/ مسجدن ۾ عبادت لاءِ اعتڪاف ۾ به هن مهيني جي پوئين ڏهاڪي ۾ ويهبو آهي.
جنگ بدر به 17 رمضان 2 هجريءَ ۾ لڙي وئي ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو چاچو ابوجهل قتل ٿيو. حضرت علي عليه السلام به هن مهيني ۾ 21 رمضان تي شهيد ٿيو ۽ حضرت امام حسن عليه السّلام جي ولادت به 3 هجريءَ ۾ رمضان ۾ ٿي.


لفظ رمضانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو