رت ۽ اجرڪ

رت ۽ اجرڪ

رت ۽ اجرڪ

رت ۽ اجرڪ (فلم): هيءَ سنڌي فلم 18 فبروري 1977ع تي رليز ٿي، جنهن جي هدايتڪاريءَ جا فرض نذير صوفيءَ سرانجام ڏنا، جڏهن ته فلمسازي بشير احمد انصاريءَ، مڪالما ۽ گيت سائل آزاد لکيا. موسيقي غلام علي ۽ محمد اشرف گڏجي ترتيب ڏني. هن فلم ۾ چڪوري، مشتاق چنگيزي، روشن عطا، حڪيم کوسي، شبانه ناز، خميسي جانوري، عبدالحق ابڙي، نادر بلوچ، نور محمد لاشاري، اي. آر. بلوچ ۽ فرح ديبا اداڪاري ڪئي. فلم حيدرآباد ۾ راحت، شاليمار سئنيمائن سميت سکر ۾ نشاط، سيتا روڊ ۾ نگار ۽ دادوءَ ۾ ٽاڪيز سئنيمائن ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هيءَ ڀنڀور فلمز جي پهرين پيشڪش هئي، جنهن بيحد مقبوليت ماڻي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.02.18  عيسوي

هيءَ سنڌي فلم 18 فبروري 1977ع تي رليز ٿي،



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻڙهه
انگڙو
ٻپھر
بگ بين
ڇِڪو2
بوبنا جراڙ
ڌرتي ۽ آڪاش
ديڳ
چَسي
ثواب
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون