راڄپر 2

راڄپر (ذات): هيءَ سنڌ جي هڪ مشهور ذات آهي، جيڪي اصل ۾ سماٽ نسل مان آهن. هي راجپوتن وانگر راجائن جو اولاد سڏيا ويا آهن، جن جو ڪل سميجا قبيلي مان آهي. راڄپر برهمڻ نسل جي ٻانڀڻ ذات سان به نسبت رکن ٿا. راڄپر اصلوڪا هندو سنڌي هئا، جيڪي پوءِ مسلمان ٿيا. ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا جي مصنف موجب هي مغل دؤر کان سميجن جي ڪل ۾ شمار ٿيڻ لڳا. هي ٿيٻي پٽ انڙ ۽ هوٿي پٽ انڙ جي اولاد مان آهن، جن جي نسبت سان سمن جي ڪل مان ٿيا. ڪي راڄپر ملاح ذات سان به واسطو رکن ٿا.
راجپوتن ۾ به راڄپر ذات آهي. راڄپرن جي ذات وارن جا هيٺيان پاڙا آهن: آهوسا مند، اڍيجا، بگھڙ، ٻاگھه، ٻانڀڻ، ٻنڌاڻ، تتوجا، تڳڙڇا، پاتا، جوڳي، جھيجا، مسڻ جا، حاجي، دوديجا، دنيرجا، ڏنگيجا، ڦل، ڪٻر، ڪهرو، رتڙ، ساڌر، ساڌرجا، سانگي، سميجا، سهيجا، صدر دينجا، کتوجا، گاگڻ، لاکوجا، ماڪيا، مالا، مانڊڻ، موجائي، واڌڙجا، وڌڙيا، ويسر، پرياڻي، خيريجا، سوڀاڻي، سوناڻي ۽ وليجا.
هن قبيلي جو شجرو رائيڌڻ کان شروع ٿيل ڄاڻايو وڃي ٿو، جنهن مان سمون، انڙ ۽ ان جي اولاد ۾ 28 ڀائرن مان راڄپر به هڪ هو، جنهن مان هي قبيلو اسريو. راڄڙن ۾ به هنن مان راڄپار نالي سان هڪ پاڙو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو