رانجها

رانجها (ذات): رانجها ذات وارا وڏي تعداد ۾ جهلم ۽ چناب ندين جي وچ واري علائقي شاهپور ۽ گجرات جي اوڀر طرف رهن ٿا. سندن ڪجهه تعداد ٻئي درياهه پار ڪري جهلم ۽ گجرانوالا ۾ به موجود آهي. شاهپور کان سواءِ ٻين جڳهين تي کين جت سڏيو ويندو آهي، جڏهن ته هو ڀٽي راجپوت آهن. گجرات ۾ هنن ابوجهل جي اولاد طور پاڻ کي قريشي سڏائڻ شروع ڪيو، پر سندن رسمون هندن روايتون بدستور باقي آهن.
ڪرنل ڊيويز (Colonel Davies) بيان ڪيو آهي ته ”هي پرامن ماڻهو آهن، ۽ سندن واسطو زراعت سان آهي. قد قامت ۾ پنهنجي پاڙيسرين گوندلن جهڙا لڳن ٿا ۽ انهن سان سڱابنديون به ڪن ٿا. اصل ۾ هي جت آهن.“ ’Punjab Castes‘ جي مصنف ڊينزل ابٽسن کين جاٽن ۾ شمار ڪندي راجپوت سڏيو آهي.


لفظ رانجهاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو