رام نوامي

رام نوامي: هندن جو مذهبي ڏينهن، جيڪو چيٽ مهيني جي نائين ڏينهن تي، هندن جي ڀڳوان شري رامچندر جي جنم ڏينهن جي حوالي سان سنڌ توڙي هندستان ۾ ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن تي صبح جو سوير سج جي پوڄا ڪرڻ سان جشن شروع ٿئي ٿو ۽ رامچندر جا مندر سجايا وڃن ٿا، منجهند ڌاري هڪ خاص عبادت ڪئي ويندي آهي ۽ ڏهن ڏينهن لاءِ ’رامائڻ‘ جو پاٺ ڪيو ويندو آهي. ماڻهو ’رامچندر‘ جا ڀڄن ڳائيندا ۽ جهمريون هڻندا آهن. مختلف مندرن مان رام، سيتا، لڪشمڻ ۽ هنومان جا جلوس ڪڍيا وڃن ٿا. هندستان ۾ هزارين ماڻهو ’سَريو‘ نديءَ تي ٽٻي ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن. ڪجهه ماڻهو ان ڏڻ تي وِرت به رکندا آهن. سنڌي هندو به ورت رکندا آهن. هندستان جي ايوڌيا شهر ۾ هن ڏينهن تي مرڪزي جشن ٿيندو آهي. ڀارت جي ڪجهه حصن سميت سڄي دنيا ۾ هندو مذهب جا پوئلڳ ميڙاڪا ڪندا آهن، جنهن کي ’ستسنگ‘ سڏجي ٿو، جنهن ۾ هر ذات پات ۽ هر مڪتبهء فڪر جا ماڻهو گڏجن ٿا ۽ اهي ڪهاڻيون ٻڌن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو