راجپوت

راجپوت

راجپوتن جي جنگين جي تصوير هڪ مصور جي نظر ۾

راجپوتن جي جنگين جي تصوير هڪ مصور جي نظر ۾

هڪ راجپوٽ سپاهي

هڪ راجپوٽ سپاهي

ٿر ۾ رهندڙ هندو راجپوت شاديءَ جي ’رهاڻ‘ جي موقعي تي

ٿر ۾ رهندڙ هندو راجپوت شاديءَ جي ’رهاڻ‘ جي موقعي تي

راجپوت  عورتون (ذريعو انٽرنيٽ)

راجپوت عورتون (ذريعو انٽرنيٽ)

راجپوت

راجپوت (ذات): راجپوت لفظ، سنسڪرت جي لفظ ’راجا پترا‘ مان اخذ ڪيل آهي، جيڪو ’راج پُتر‘ بڻيو ۽ ان مان ’راجپوت‘ لفظ بڻيو آهي. لفظ راجپوت جي معنيٰ آهي ’راجا جو پٽ‘. راجپوت هن وقت هندستان جي اولهه، وچ ۽ اتر وارن علائقن ۽ سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ آباد هندن جو هڪ مکيه قبيلو آهي. ڇهين کان ٻارهين صديءَ عيسويءَ تائين هندستان ۾ راجپوتن جي حڪومت چئي وڃي ٿي. ويهين صدي عيسويءَ ۾ راجپوت اڪثر راجسٿان ۽ سوراشٽر رياستن تي حاڪم ٿي رهيا. سندن حڪومت هيٺ آيل رياستون ننڍي کنڊ، خاص ڪري هندستان جي اتر، اولهه ۽ وچولن علائقن ۽ پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ موجود هيون. هندستان ۾ راجپوتن جي اڪثر آبادي راجسٿان، گجرات، سوراشٽر، اتر پرديش، هماچل پرديش، هرياڻا، ڄمون ڪشمير، پنجاب، اتر ڪانڊ، مڌيه پرديش ۽ بهار ۾ رهائش پذير آهي. پاڪستان جي پنجاب ۽ سنڌ واري حصي ۾ موجود ڪيترا راجپوت پاڙا ۽ راجپوت ذاتيون مسلمان به آهن. نامياري تاريخدان جان ڪِي (John Keay) موجب هڪ خاص قبيلي ۽ گروهه لاءِ ڪتب ايندڙ لفظ ’راجپوت‘ مغل دؤر جي ابتدا 1526ع کان به اڳ ۾ ڪم ايندو هو. هڪ نظريي موجب ڇهين صديءَ جي آخري دؤر ۾ سفيد هُنن (Hephthalites) هندستان تي حملو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ گپتا سلطنت زوال پذير ٿي هئي. حملي آورن مان سندن اڳواڻ عالي نسب ۽ امير طبقي جا فرد هئا، جيڪي پوءِ هندن جي جاتي سرشتي تحت ’ڪشتريه‘ (کتري) جي ذمري ۾ شامل ٿي ويا، ان ڪري ڪشتريا (فوجي) جي عهدي تي فائز ٿيا. جڏهن ته سندن ٻيا ساٿي، جن ساڻن سهڪار ڪيو ۽ سندن پوئلڳي ڪئي، سي شودر جي درجي تي پهتا، جن ۾ آهر، گورجر ۽ جت شامل هئا، ساڳئي وقت ڪجهه مقامي قبيلن کي راجپوت جي عهدي تي فائز ڪيو ويو، جن مان پوءِ ٻيا قبيلا: بنديلا، چنڊيلاس ۽ راٺوڙ نروار ٿيا. انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا (The Encyclopaedia of Britannica) مطابق راجپوتن جو اصل شاهاڻو شجرو، گوهلوت ۽ ڪچواها سان ملي ٿو، جيڪي زرعي زمينن جا آبادڪار هئا. نائين صديءَ جي شروعات ۾ هندستان جي اترين علائقن ۾ راجپوت سلطنتون پنهنجي عروج تي رهيون، جن مان ڪي راجپوت بادشاهتون مسلمانن جي شروعاتي حملن وقت نه رڳو وڏيءَ رنڊڪ طور سامهون آيون، بلڪ پنجاب ۽ گنگا واديءَ ۾ مسلمانن جي فتح دوران به راجپوت، راجسٿان ۽ وچ هندستان ۾ پنهنجي خودمختيار حڪومت برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ڪجهه عرصي بعد علاءُ الدين خلجي، اوڀر راجسٿان ۾ چتور ۽ رتناپور ۾ قائم راجپوتن جي ٻن قلعن کي فتح ڪيو، پر قلعن تي گهڻي عرصي تائين پنهنجي حڪومت قائم نه رکي سگهيو. 1817ع کان 1818ع ڌاري انگريز مراٺا جنگ کانپوءِ هڪ معاهدي تحت راجپوتانه خطي جون سموريون رياستون برطانوي راڄ جي ماتحت ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ حوالي ڪري ڇڏيون، جن مان اجمير جي رياست سڌيءَ ريت برطانوي سرڪار جي حڪومت هيٺ رهي، جنهن کي پوءِ اجمير مارواڙ جي پرڳڻي جي حيثيت ڏني وئي. اهڙيءَ طرح برطانوي حڪومت دوران راجسٿان جي خطي ۾ راجپوتن جون 13 مکيه رياستون ۽ جتن جون ٻه رياستون ڀرتپور ۽ ڍولپور ۽ ٻه ٻيون رياستون ٽونڪ ۽ جهالاواڙ قائم ٿيون. ساڳيءَ ريت وچ ۽ اولهه هندستان ۾ موجود راجپوت رياستن ۾ وڏي پيماني تي تبديلي آئي، جن مان ڪي رياستون سينٽرل انڊيا ايجنسي ۽ ڪي ڪاٺياواڙ اسٽيٽ ايجنسيءَ جي ماتحت رهيون. انگريز حڪومت دوران، راجپوت ذاتين جا مردَ، پنهنجي بهادرانه ۽ ويڙهاڪ خصلتن جي ڪري گهڻي قدر انگريز فوجي دستن ۾ شامل رهيا. ان دؤر جي هڪ عهديدار ڪئپٽن اي. ايڇ. بنگلي (A. H. Bingley) موجب، ”راجپوت ماضيءَ کان وٺي موجوده وقت (1899ع) تائين فوجي دستي ۾ اهم عهدن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا رهيا آهن. هنن هندستاني فوج ۾ رهندي تقريبا هر جنگي مشق ۽ معرڪي ۾ ڀرپور حصو ورتو پئي آهي.“ ميجر فورڊ جي سربراهيءَ ۾ راجپوتن ڪونڊور علائقي ۾ فرينچن ۽ منرو جي اڳواڻيءَ ۾ بوڪشر (Buxar) جي هنڌ تي اوڌ جي نواب واجد علي شاهه جي فوجي دستي کي شڪست ڏني. ساڳيءَ ريت ميجر ليڪ (Lake) جي سربراهيءَ ۾ راجپوت سپهه سالارن ٽي وڏيون سوڀون ماڻيون، جن سان مرهٽن جي طاقت کي تمام وڏو ڌڪ رسيو. برصغير جي ورهاڱي وقت 1947ع ڌاري راجپوتن جي ’راجائي رياستن‘ کي هندستان ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته 50-1949ع ۾ انهن رياستن کي ملائي راجسٿان نالي هڪ رياست ٺاهي وئي. موجوده وقت راجسٿان پراڻن راجائن جي جاگيرن، تجارتي طور طريقن، قيمتي خزاني ۽ ثقافتي ورثي سبب سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻيل آهي. راجپوتن کي ڪيترين درجي بندين ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، جهڙوڪ: ونش ۽ ومشا ۽ هڪ خاص ذيلي ورڇ ’جاتي‘ (جي نالي سان). ونش، ابتدائي طرح ٽن حصن ۾ورهايل آهن: (1) سوريه ونسي، جيڪي سج جا پوڄاري آهن. (2) چندر ونسي، جيڪي چنڊ جا پوڄاري آهن. (3) اگني ونسي، جيڪي باهه جا پوڄاري آهن. ان کانسواءِ ونش جي ٻيءَ تقسيم ۾ ادي ونسي، راج ونسي ۽ رشي ونسي اچي وڃن ٿا. ونس کان هيٺ ننڍين درجي بندين ۾ ڪُل، کمپ يا کنپ (Khamp or khanp) ۽ نَڪ (Nak) شامل آهن. راجپوت قبيلن ۾ رسم رواج کي وڏي اهميت حاصل آهي. منجهن ٻار جي جنم کان وٺي ڇٽيءَ، بانبڙن پائڻ، پنڌ ڪرڻ، خوراڪ کائڻ جي ابتدا، جوانيءَ، شاديءَ ۽ ٻين خوشيءَ ۽ غميءَ جي موقعن تي سماجي ۽ مذهبي رسم رواج جي پورائي ضروري سمجهي ويندي آهي. ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا جي مصنف خير محمد ٻرڙي جي لکڻ موجب ’راجپوت لفظ ’راج پُتر‘ مان نڪتل آهي. هي اصل ۾ راجپوتانا جي راجائن جو لقب آهي، جن سنڌ تي ڪيترائي سال حڪومت ڪئي، جن مان ڪي مسلمان ٿيا ۽ ڪي هندو آهن. انهن مان ٻه خاندان هڪ چندر ونسي ۽ ٻيا سورج ونسي ڪافي مشهور ٿيا. سنڌ جو واسطو ٻنهي گهراڻن سان رهيو آهي. سورج ونسي گهراڻي وارا، جن مان راجا اڪشو اڪوءَ کان گهڻو پوءِ راجا دسرٿ ۽ سري رامچندر پيدا ٿيا، سي قديم زماني ۾ سنڌ ۾ به هئا. چندر ونسي، چنڊ جا، جڏهن ته سورج ونسي، سج جا پوڄاري آهن. ڊاڪٽر لال بخش نائچ ۽ ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ جي تحقيق موجب سام بن نوح جي هڪڙي پٽ جو نالو حضرت سنڌ هو، جنهن هن خطي ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي، جنهن جي اولاد مان سماٽ ۽ راجپوت پيدا ٿيا. شماريات جي بنياد تي 1891ع جي بمبئي گزيٽيئر موجب راجپوتن جي مکيه حڪمران قبيلن جي ورڇ هيٺينءَ ريت بيان ڪئي وئي: (1) چــاوڙا، (2) چــوهـاڻ، (3) دائـمـا، (4) گـوئـيـل، (5) گــــوري، (6) جـاڙيجـا، (7) ڄيــٺوا، (8) جهالا، (9) پرمار، (10) راٺوڙ، (11) ريـهواڙ، (12) سروئيا، (13) سِشوڏيا، (14) سولنڪي ۽ (15) واگهيلا. راجپوتن جي سنڌ ۾ رهندڙ ذاتين ۾ چوهاڻ، راوت، رانگڙ، باگڙي، راٺوڙ، جويا، مهر، سيال، کچي، ڍونڍي، ميڪڻ، تيوڻا، راٺي، اعواڻ، کوکر، ڪاٺيا، کڳا، ڏوگر يا ڏنگر، ٽڳا، پرهياڙ، چندر بنسي، راڻا، سوڍا، ٺاڪر، پنوار وغيره، سنڌ جي مختلف حصن ۾ رهن ٿا.مغل بادشاهه اڪبر جي هڪ گهر واري جوڌا ٻائي، ڀارمل (بهاري مل) راجپوت جي ڌيءُ هئي.سنڌ جا سومرا، سما، جويا ۽ ٻيون ڪيتريون سماٽ ذاتيون اصل ۾ راجپوت آهن. سنڌ جي نيم تاريخي داستان ’دودي چنيسر‘ ۾ سومرين جو ستيون ٿيڻ راجپوت روايت موجب هو.


لفظ راجپوتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو