راجا رفيق پنهور

راجا رفيق پنهور

راجا رفيق پنهور

راجا رفيق پنهور: راجا رفيق ولد محمد صديق پنهور 30 مارچ 1972ع تي ڳوٺ آدم پنهور تعلقي دادوءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، وڌيڪ تعليم دادوءَ مان حاصل ڪيائين. هن پنهنجي فني سفر جو آغاز 1992ع کان ڪيو. سندس پهريون اسٽيج ڊرامو ’ڄٽ جي شادي ڄڃ سان تعدي‘ هو، جيڪو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل دادوءَ جي پارڪ ۾ پيش ڪيو ويو. راجا رفيق پنهور 1992ع کان اڄ تائين 30 کان وڌيڪ ڪري چڪو آهي، جن ۾ ڄٽ جي شادي ڄڃ سان تعدي، بيروزگار عاشق، مجبور ماڻهو، جاهل انسان، شهيد، نواب خان، ظلم جي نگري، انتقام، پئسي جو ڪمال، مسٽر موالي، يارن سان ڪهڙا ليکا، تو کان ٿيندي ڌار، قيدياڻي، ظالم، پيار تان قربان، انڌو ٿو کيڏي اک ٻوٽ، محل جي راڻي، جهوپڙي، نياڻي، سزا پيار جي، عشق عبادت آ، انصاف ڪٿي آ وغيره شامل آهن.
راجا پنهور هن وقت تائين دادو کان علاوه جوهي، اميناڻي شريف، ٿر ڙي جادو شهيد، ڀان سيدآباد ۽ سيوهڻ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هن ڪي. ٽي. اين تي ’ماما لالو‘، ’ڪڏهن نه ملنداسين‘، ’ڪارو سج‘، ۽ سنڌ ٽي. وي تي هن ’زندگي‘ نالي ناٽڪن ۾ ڪم ڪيو آهي. هن وڊيو فلمن ’شڪست‘، ’چڪرباز‘، ’دريا پار‘، ’حبدار علي‘ ۽ ٻين ۾ به پنهنجو فن پيش ڪيو آهي.
راجا رفيق پنهور سان قلمي ۽ فني خدمتن جي عيوض 1997ع ۾ شاهين الشهباز آرٽ ڪلب دادوءَ طرفان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل پارڪ دادوءَ ۾ هڪ رنگا رنگي شام ملهائي وئي. راجا رفيق پنهور کي هن فيلڊ ۾ مير قدرت الله پنهور متعارف ڪرايو. هن فيلڊ ۾ سندس استاد عبدالله ملاح آهي. راجا رفيق پنهور ثقافتي ۽ فني دنيا کان علاوه صحافت سان به وابسته آهي. 1995ع ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ سنڌي شوبز اخبار مهڪ ۽ ’فنڪار لوگ‘ سان به منسلڪ رهيو ۽ ان اداري بهترين ڪارڪردگيءَ سبب کيس حسن ڪارڪردگيءَ جو تمغو عنايت ڪيو. هن روزانه عوامي آواز ڪراچي ۽ روزانه شام حيدرآباد ۾ به ڪالم لکيا آهن. راجا رفيق پنهور جو فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن ڳوٺ آدم پنهور، سنڌي ادبي سنگت دادو سان به تعلق آهي. اهڙيءَ طرح راجا رفيق پنهور پنهنجون ثقافتي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو. ان کان علاوه ڪي.ٽي.اين تي به ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.


لفظ راجا رفيق پنهورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.03.30  عيسوي

راجا رفيق ولد محمد صديق پنهور 30 مارچ 1972ع تي ڳوٺ آدم پنهور تعلقي دادوءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اتم ديارام هنڱوراڻي
وحيد محسن
سر رابرٽ فرانسِس مُودي
ڀورو مل ڪولهي وڪيل
ايس گل
استاد ڪرم حسين
جعفري خيرالنساءِ
ريجيانلنڊ پوڪاڪ بئرو
عمر شريف
انيلا ابڙو 2
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون