دڙو2

دڙو2 (شهر): هيءُ شهر ضلعي ٺٽي جي تعلقي ميرپوربٺوري جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي. هن شهر کي ٽائون ڪاميٽيءَ جو درجو مليل آهي ۽ ان جي آدمشماري ڏهن هزارن جي لڳ ڀڳ آهي. هي شهر واپار جو مرڪز پڻ آهي. هي شهر سنڌو درياهه جي ويجهو هئڻ ڪري هتي ٻيلي جو ڪاٺ سٺو ۽ سستو ملي ٿو. ڪچي کي ويجهو هئڻ سبب ڪافي تجارت ٿئي ٿي. هن شهر ۾ هڪ هائر سيڪنڊري اسڪول ۽ هڪ گرلز هاءِ اسڪول قائم آهي. هن شهر جي مشهور ماڻهن ۾ مشهور شاعر ۽ محقق موتي پرڪاش، چيئرمئن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، ڊاڪٽر غفور ميمڻ ، ڊاڪٽر محمد يعقوب ميمڻ، زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جو اڳوڻو وائيس چانسلر، ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ، نامور سماج سڌارڪ ۽ تعليمدان عبدالغفور الستي، مشهور اديب يوسف سنڌي، ملهار سنڌي وغيره شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو