دُرگا

دُرگا (راڳڻي): دُرگا جي نالي سان بلاول ٺاٺ ۾ راڳڻي به آهي، پر درگا کي کماچ ٺاٺ جي راڳڻي به چيو ويندو آهي. هيءَ راڳڻي اوڍو يعني پنجن سُرن جي راڳڻي آهي. هن ۾ رکب ۽ پنچم ورج سُر آهن. هن جو وادي سُر گنڌار آهي، جتي مڌم ۽ ڌيوت جي سنگت رهي ٿي. ان ڪري ڀاڳيسري جي ٿوريءَ صورت نظر ايندي آهي، پر ڀاڳيسري ۾ گنڌار ڪومل آهي ۽ دُرگا ۾ گنڌار تيور آهي. ان فرق کان سواءِ رکب جو سُر ورج آهي، ان ڪري جهنجهوتيءَ کان الڳ ٿي بيهي ٿي. ان کان سواءِ ڌيوت هڻڻ ۽ پنچم کي نه لڳائڻ سان، تلنگ کان به الڳ صورت اختيار ڪري ٿي. هن ۾ ٻئي نکاد لڳن ٿا. هن راڳڻيءَ جي خاص تان: سا - گي- ما گي- نا ڌي- ما گي- گي ما ڌي- نا ڌي- ما گي سا، آروهي: سا گي ما ڌي ني سَا، امروهي: سا نا ڌي ما گي سا، ۽ وادي سُر گنڌار آهي. هن راڳڻيءَ جي ڳائڻ جو وقت رات جو ٻيو پهر آهي.


لفظ دُرگاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو