ديسڪار

ديسڪار (راڳڻي): هيءَ بلاول ٺاٺ جي اوڍو (پنجن سرن واري) راڳڻي آهي. هن جا مڌم ۽ نکاد سر ورج آهن. هيءَ راڳڻي اصل ۾ اترانگ جي راڳڻي آهي. هن جي آروهي سا ري گي پا ڌي، امروهي: سا ڌي پا گي ري سا آهي. هن جي وادي سر ڌيوت ۽ سموادي سر رکب آهن. هيءَ راڳڻي صبح جي وقت ڳائبي آهي.


لفظ ديسڪارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو