دوهو

دوهو (صنف): هندي ۽ سنڌي نج ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هڪ اهم ۽ بنيادي صنف ’دوهو‘ آهي، جنهن کي صدين جو پسمنظر آهي. اصل ۾ دوهو پراڪرت ۽ اپڀرنش دور جي هڪ مقبول صنف آهي، جنهن دور ۾ مقامي زبانون ۽ شاعري هڪ ارتقائي دور مان گذري رهيون هيون. دوهو اصل ۾ ٻن سٽن وارو بيت آهي، جنهن جو سٽاءُ مثنويءَ جي بيتن واري هيئت وارو آهي. پر مثنويءَ جا بيت گهڻو ڪري علم عروض جي وزنن تي آڌاريل هوندا آهن، پر دوهو، هندي ڇند يا پنگل جي ماترائن تي لکيو ويندو آهي.
پنگل يا ڇند، قديم هندي شاعريءَ جو وزني نظام (Prosodic system) آهي. عالمن ۽ مها ڪوين مختلف ڇندن کي ڌار ڌار نالا ڏنا آهن، جن مان ’دوها ڇند‘ بيهڪ، سٽاءَ ۽ ماترائن جي خيال کان نهايت اهم آهي. ’دوهو‘، ’دوها ڇند‘ ۾ ئي لکيو ويندو آهي. دوهو، ٻن سٽن جو شعر آهي، جنهن ۾ ٻنهي سٽن جي آخر ۾ تُڪون/ قافيا ايندا آهن. الف- ب جا اکر سُرن (vowels) يعني حرف علت ۽ حرف صحيح (Consonants) تي مشتمل ٿيندا آهن، جيڪي ملي لفظ جوڙيندا آهن. شاعريءَ ۾ لفظن (شبدن) جا ’پَدَ‘ (چرڻ) ٿيندا آهن، جيڪي ننڍن ۽ ڊگهن آوازن يا اُچارن تي ٻَڌل هوندا آهن. ڊگهي آوزا لاءِ ٻٽي ماترا يعني ٻه ماترائون ٿينديون آهن، جنهن کي ’گرو ماترا‘ چوندا آهن ۽ ننڍي آواز لاءِ هڪ ماترا ٿيندي آهي، جنهن کي ’لگهو ماترا‘ چوندا آهن. دوهي جي هر سٽ ۾ ٻه چرڻ (پد يا مصرعا) ٿيندا آهن، جن جي اُچارڻ ۾ جيڪا ويرم يا ساهي لڳندي آهي، اُن کي ’وسرام/ بسرام‘ يا ’يت‘ چيو ويندو آهي. دوهي جي پهرئين ۽ ٽئين چرڻن ۾ 13، 13 ماترائون ۽ ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ 11، 11 ماترائون ٿينديون آهن، يعني دوهي جي هر سٽ 24، 24 ماترائن جي ٿيندي آهي ۽ هڪ دوهي جون ڪل ماترائون 48 ٿينديون آهن. مشهور شاعر الياس عشقيءَ، پنهنجي ڪتاب ’دوها هزاريءَ‘ ۾ ’دوها ڇند ڪلا‘ هيٺ، دوهن جي روپ ۾ دوهي جي وصف هيٺينءَ ريت بيان ڪئي آهي:
دو دل، چرن چار ہوں، تُک آخر میں آئے،
کُل 'چوبیس' ہوں ماترے، تو 'دوہا' کہلائے۔

یاد رکھے کوئی اگر، اتنی بات سلیس،
'چارنوں چرنوں' میں رہیں، 'ماترے اڑتالیس'

'تیرہ گیارہ ماترے'، دونوں دٰلوں میں جان،
یہی ہے 'دوہا چھند' کی، 'پنگل' میں پہچان۔

'گرُو'، 'لگھو' مل جائیں، تو ٹھیک ہو دوہا چال،
'یتی' رہے اپنی جگہ، تو دوہا بنے کمال۔
دوهي جو خاڪو يا سٽاءُ هن ريت آهي:
13 ، + 11 ، = 24 ماترائون
13 ، + 11 ، = 24 ماترائون
دوهي جي تقطيع (analysis) هيٺئين نموني ٿيندي:
آ ئي تُنهنجي يا د جي، اِئن گذ ريءَ ۾ گونجَ، = 24 ماترائون
2 2 2 2 2 1 2 2 2 2 2 2 1
آ کيــري مان جئن وڃـي، اُڏ ري ڪا ئي ڪونج، = 24 ماترائون
2 2 2 2 2 1 2 2 2 2 2 2 1
مٿي شيخ اياز جي دوهي جي تقطيع ڏني وئي آهي، دوهي جو هڪ ٻيو مثال به ڏجي ٿو:
پهتو من ۾ پارَ کان، جئن ڇوليءَ جو ڇوهُه،
ويجهي آئي جو ڪنڌي، ماٺو ٿي ويو موهُه.
(اياز)
دوهي جا هندي شاعريءَ ۾ ڪيترائي قسم آهن، جن مان مکيه هيٺيان آهن: وڏو دوهو (بڙا دوها)، تونبيري دوهو، کرو دوهو، پنج کُڻيو دوهو وغيره. هنن دوهن ۾ چرڻن (پدن) جي تبديل ۽ ماترائن جي گهٽ وڌائي ٿئي ٿي.
هندي ۽ سنسڪرت شاعريءَ جي دوهن وانگر قديم سنڌي شاعريءَ ۾ به اسان کي دوها ملن ٿا. شيخ حماد جمالي (1378ع) جو هيٺيون بيت، دوهي جي سٽاءَ ۾ آهي:
جوڻو مت اوڻو، آءُ تماچي آءُ،
سٻاجهي ٻاجهه پئي، تو سين ٺٽو راءُ،
شيخ حماد کان پوءِ قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري، ميين شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف، سچل سرمست وٽ ڪجهه دوها ملن ٿا، جن ۾ ماترائن جي معمولي گهٽ وڌائي آهي، پر انهن دوهن کي دوهن بدران بيت، ڏوهيڙو ۽ دوهڙو چيو ويندو آهي.
مثال طور (قديم دوها):
جي سالورو سُڌ لهي، ڪَنولان سندي ڪاءِ،
ته پيوءِ پاتال ۾، هُوند نه مِٽي کاءِ!
(قاضي قادن)
هنيون ڏجي حبيبَ کي، لڱّ گڏجن لوڪَ،
کُڏيون ۽ کَروتون، ايءُ پڻ سڳر ٿوڪَ.
(شاهه ڪريم)
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري،
هُن پَن پنهنجا ساريا، هوءَ هنجون هڏن لئه هاري.
(شاهه)
اهڙيءَ ريت موجوده دؤر ۾ هن قديم صنف کي جديد دؤر جي شاعرن تمام گهڻو مقبول بڻايو آهي، جن ۾: شيخ اياز، نارائڻ شيام، هري دلگير، تنوير عباسيءَ، امداد حسينيءَ، استاد بخاريءَ، راشد مورائيءَ، مير محمد پيرزادي، تاج جويي، ادل سومري، اياز گل، وسيم سومري، نصير مرزا، آسي زمينيءَ ۽ ٻين اڪثر شاعرن دوهي تي طبع آزمائي ڪري، هن صنف کي مقبول ڪيو آهي، پر سنڌيءَ ۾ اڪثر دوها 13 + 11 ماترائن جي ترتيب کان سواءِ 13 + 10 ۽ 16+ 11 ماترائن واري ترتيب سان به ملن ٿا. ڪجهه مثال جديد دوهن جا هيٺ ڏجن ٿا:
جديد دوها:
پٿر ڪرندي ڍنڍ ۾، جيئن ٿيو آواز،
ڀر تي بيٺل وڻ منجهان، پکيءَ ڪيو پرواز.
(13+ 11 ماترائن واري ترتيب تي نارائڻ شيام جو دوهو)
مٺڙا مٺڙا ماڻهو تن جا، پيارا پيارا نانوَ،
آيا ڇايا منهنجي من تي، جئن ڪڪريءَ جي ڇانوَ.
(16 + 11 ماترائن واري سٽاءَ تي شيخ اياز جو دوهو)


لفظ دوهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو