دوزان

دوزان (ديهه): ڪراچيءَ جي هڪ ديهه، جيڪا تپي سونگل، تعلقي ڪراچيءَ ۾ آهي. هن ديهه تي هيءُ نالو موکيءَ جي ستن ڀينرن مان هڪ ڀيڻ دوزان جي نالي پويان پيل آهي. هن ديهه جون حدون هڪڙي طرف نئين سبزي منڊي سپر هاءِ وي تائين ته ٻئي طرف سچل رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۽ ملير ڪينٽ ڪراچيءَ تائين لڳن ٿيون. ڳوٺ يار محمد جوکئي لڳ هن ديهه ۾ هڪ پراڻو ايئر بيس به آهي، جنهن کي انگريزن ٻي مهاڀاري جنگ دوران استعمال ڪيو هو.


لفظ دوزانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو