دمدمو

دمدمو: مٽيءَ يا واريءَ جي ڳوڻين سان ٺهيل مورچي يا قلعي کي ’دمدمو‘ چئبو آهي. دمدمو گهڻو ڪري ريلوي يا درياهه جي بچاءِ بند تي آمدروفت واري جاءِ تي جوڙبو آهي.
سنڌ ۾ سجاول ٺٽي پُل جي کاٻي پاسي يونين ڪائونسل ٻيلي ۾ درياهه جي بچاءَ بند واري علائقي کي به دمدمو سڏيندا آهن. هن بچاءَ بند کي ’دمدموان لاءِ چيو وڃي ٿو ته، هن جاءِ تي سنڌو درياهه جي پاڻيءَ وٽ دٻاءُ ۽ دٻدٻو هوندو آهي. ماضيءَ جي تاريخ به ان هنڌ کي درياهه جي مختلف تبديلين وارو هنڌ ڄاڻايو آهي. هن جاءِ تان پراڻن وهڪرن ۾ درياهه جا ٻه حصا ٿيندا هئا، جنهن مان هڪ حصو جاتي طرف ۽ ٻيو حصو بدين جي علائقي طرف سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
- سنڌ جا ٽالپر حڪمران انگريزن جتي نظربند ڪري رکيا هئا، اُن هنڌ کي به تاريخ ۾ دمدمه/ دمدمو سڏيو ويندو آهي.


لفظ دمدموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو