دف

دف

دف

دف (ساز): دف تمام قديم ساز آهي. برصغير کانسواءِ وچ ايشيا ۽ وچ مشرق ۾ هي ساز ڪثرت سان وڄايو وڃي ٿو. اسلام کان اڳ توڙي اسلام کانپوءِ به عربن وٽ هي ساز وڄايو ويندو هو. ڪنهن نرم ڪاٺيءَ جي ٻن سوتن جي ٿلهي، پنج يا ڇهه فوٽ ويڪري ۽ سوا فوٽ کان ٻن فوٽن تائين ڊگهي ٽڪر کي موڙي، خبرداريءَ ۽ مهارت سان گول ٺاهي، ان جي مٿان ٻڪريءَ جي کل چاڙهي ويندي آهي. دف جي وڄائڻ جا ٻه طريقا عام آهن. ڪي وڄتيا دڦ کي کاٻي هٿ سان پڪڙي، دف جو ٻيو پاسو پنهنجي دل واري پاسي رکي ساڄي هٿ سان تال يا لئي تي ڌڪ هڻندا آهن ۽ ڪي وڄتڪار دف کي ساڄي هٿ ۾ پڪڙي تال جي لئي تي پنهنجي کاٻي هٿ جي تريءَ تي هڻندا آهن. دف جي ننڍي سائيز به ٿيندي آهي، جنهن جي چوڌاري ننڍڙيون پتل جون ٿالهيون لڳل هونديون آهن. دف کي سنڌيءَ ۾ ’کنجري‘، اردوءَ ۾ ’ڊفلي‘ ۽ عربيءَ ۾ ’رق‘ چوندا آهن.
هيءُ ساز سنڌ ۾ اڪثر ڳائڻا عام ڪافي ڪلام جي گائڪيءَ ۾ لئي کي سريلو بڻائڻ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. هن جي سنگت رڌم جي لئي سان ٿيندي آهي. هي قديم ساز آهي، جنهن جا آثار مصر مان به ملن ٿا. ڪجهه روايتن مطابق جڏهن رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم مڪي مان هجرت ڪري مديني شريف آيا ته مديني جي انصارن دف وڄائي سندن استقبال ڪيو هو (حوالو: ڪتاب ’ڏيهي پرڏيهي ساز‘). سنڌ ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي (ماتليءَ وارو) هي ساز موج ۾ اچي وڄائيندو هو.


لفظ دفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو