دشتي

دشتي (ذات): دشتي ذات وارا اصل ۾ مڪران جي صحرا جي هڪ بلوچ قبيلي مان آهن. عام لهجي ۾ هنن کي دستي چوندا آهن. سنڌ ۾ هن ذات وارا ڪوراين، جمالين، رندن ۽ سمن جو هڪ پاڙو به آهن. دشت فارسي ۽ بلوچيءَ ۾ صحرا کي چوندا آهن. ان ڪري هي دشتي يعني صحرا جا رهندڙ سڏجن ٿا. تاريخ بلوچستان ص 118 تي آيل آهي ته مڪران جي امير رجب ماملي ڪرد بلوچ جي ستن پٽن مان ميراڻ مڪران جي دشت واري جاءِ تي آباد ٿيو، ان جي پويان هن ذات وارا دشتي مشهور ٿيا. ڊي. آءِ. جي سردار عبدالمجيد دشتي به هن قبيلي مان آهي.


لفظ دشتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو