دستاگ

دستاگ: سنڌ جي ڏکڻ الهندي، ڪوهستاني علائقي ۾ خاص قسم جون منظوم پروليوندستاگ‘ جي نالي سان رائج آهن. هنن پرولين جي سٽاءُ جو مدار استعاري ۽ تشبيهه تي آهي. ڏيڻيءَ جي لحاظ سان هي پروليون ڪافي دلچسپ ۽ اهڃاڻ ۽ انڪار واري مسلسل سٽاءَ ۾ آهن. ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته هندي ’ڪهه مڪرنيون‘، ’سنڌي دستاگ‘ جي ڀيٽ ۾ بلڪل ابتدائي مرحلي واري حيثيت رکن ٿيون. مثال: ’بدڪ‘ بابت هڪ دستاڳ جي ڏيڻي هن ريت آهي:
’اڇي اڇي کير جهڙي، کير به ناهي،
گهمي ٿي پاڻيءَ ۾ مڇي به ناهي،
ٻڌايو ته ڇاهي؟‘


هن صفحي کي شيئر ڪريو