دستانا

دستانا

دستانا

دستانا (Gloves): دستانا، هٿن تي چاڙهڻ جا هڪ قسم جا جوراب ٿيندا آهن. هي جوراب، ڪپڙي، رٻڙ، ريگزين، چمڙي ۽ اوني ڪپڙي جا ٿيندا آهن. عام ماڻهو سياري ۾ هٿن تي دستانا پائيندا آهن. ٿڌن ملڪن ۾ ماڻهو سيءَ کان بچڻ لاءِ ۽ ٻين ملڪن ۾ به سائيڪل ۽ موٽر سائيڪل تي سوار ماڻهو سياري ۾ سيءَ کان بچڻ لاءِ هٿن تي دستانا/ جوراب پائيندا آهن. ڪرڪيٽ راند وقت وڪيٽ ڪيپر هٿن تي دستانا پائيندو آهي، ته جيئن بال جهٽڻ وقت هٿ کي ڌڪ نه لڳي سگهي. ڊاڪٽر آپريشن وقت نفيس دستانا پائيندا آهن. اسپتالن ۾ اڪثر صفائيءَ وارا پلاسٽڪ جا شفاف ۽ نفيس دستانا پائيندا آهن. ماضيءَ ۾ جنگيون وڙهندڙ ماڻهو جنگين ۾ تلوار هلائڻ وقت هٿن تي دستانا چاڙهيندا هئا.


لفظ دستاناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو