درگا ديوي

درگا ديوي

درگا ديوي

درگا ديوي: هندومت ۾ دُرگا ديوي، هڪ مقدس ديوي ۽ ماتا جو جنگجو وارو روپ آهي. سنسڪرت ۾ لفظ دُرگا جي معنيٰ آهي قلعو يا اهڙي جڳهه جيڪا فتح ڪرڻ ۾ ڏُکي هجي. درگا جي هڪ معنيٰ ’درگاتناشني‘ به آهي، جنهن جو مطلب ڏُک يا مصيبت دُور ڪندڙ آهي. هندو يقين رکندا آهن ته درگا ديوي کين دنيا جي سڀني براين ۽ شيطاني قوتن کان بچائي ٿي. سندن ڏُک سُور به ختم ڪري، من جون مرادون پوريون ڪري ٿي. درگا جي جيڪا تصوير چٽي وئي آهي، اُن ۾ کيس اٺن کان ڏهه هٿ ڏيکاريل آهن، جيڪي اٺن کان ڏهن رستن يا رخن کي ظاهر ڪن ٿا. انهيءَ جو اهو مطلب آهي ته درگا ديوي پنهنجي عقيدتمندن جو هر رخ کان تحفظ ڪري ٿي.
درگا ديويءَ کي ٽن اکين واري ديوي به سڏيو ويندو آهي ۽ انهن ٽن اکين جي وضاحت هن ريت ڪئي وئي آهي. کاٻي اک چنڊ (روشنيءَ) کي ظاهر ڪري ٿي، ساڄي اک سج جي عمل کي ۽ وچين اک باهه جي ڄاڻ کي ظاهر ڪري ٿي. درگا ديوي، شينهن تي ويٺل آهي، اهو شينهن اختيار، طاقت ۽ پختي عزم کي ظاهر ڪري ٿو. درگا ديويءَ، ڪالڪا يا ڪالي ماتا جو روپ ڌاري شيطان مهيشورا کي شڪست ڏني هئي. درگا شڪتي ديويءَ جو ڪاوڙيل ۽ جوشيلو روپ آهي، جنهنڪري درگا جي فتح جو ڏڻ ’دسهڙو‘ ڪري ملهايو وڃي ٿو (وڌيڪ ڏسو: دسهڙو).
اهڙيءَ طرح چنڊ مَنڊ (دئيت) جو به خاتمو ڪيو، تنهنڪري کيس چامونڊا ۽ چنڊيڪا پڻ چيو وڃي ٿو. هندن جي عقيدي موجب درگاديوي ڪيترن ئي اَسُرن، دئيتن ۽ راڪشسن جو خاتمو ڪري، ڌرتيءَ تي ظلم ۽ اَنياءَ جو پڻ خاتمو ڪيو آهي، جنهنڪري مٿس ڪيترا ٻيا نالا پيا آهن.
درگا ديويءَ جا نوَ (9) روپ ڄاڻايا وڃن ٿا، انهن مان هر هڪ روپ جا به انيڪ روپ ڏيکاريا ويا آهن. نوراتن دوران ڪي هندو درگا ديويءَ جي نوَن روپن جي پوڄا ڪندا آهن، اهي مکيه روپ هي آهن: شئل پُتري، برهمچارڻي، چندر گهنٽا، ڪشمانڊا، سڪند ماتا، ڪاتياني، ڪال ياتري، مهاگوري ۽ سِڌ ڌاتري. انهن نوَن روپن سبب ’نوَ دُرگا‘ يا ’نوَن روپن واري دُرگا‘ پڻ چيو وڃي ٿو.


لفظ درگا ديويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو