درونج

درونج

درونج

درونج: هيءَ وڇونءَ جي پڇ وانگر ڀوري رنگ جي گُرين سان هڪ پاڙ آهي، جيڪا پسارڪي وکر طور ڪم اچي ٿي. حڪيمن چواڻي حواسن ۽ معدي کي طاقت ڏئي ٿي. وبائي دستن، جگر، ٻرهل، سوداءَ، مٿي جي سور، ماليخوليا ۽ خفقان جي بيمارين لاءِ فائديمند آهي. غليظ وائي باديءَ کـي تـحـلـيـل ڪــري، هاضمي کي تقويت ڏئي ۽ بک وڌائي ٿي. ان کان سواءِ وڇونءَ جي زهر تي به اثر ڪري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو