دادن فقير جو ڪلام

دادن فقير جو ڪلام

دادن فقير جو ڪلام

دادن فقير جو ڪلام

دادن فقير جو ڪلام

دادن فقير جو ڪلام (ڪتاب): هيءَ مشهور عوامي شاعر دادن فقير جي سنڌي ۽ سرائيڪي مڪمل ڪلام تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ دادن فقير جو ڪلام حمد، نعت، حضرت علي عليه السلام، حضرت امام حسين عليه السلام، شيخ عبدالقادر جيلانيرح ۽ حضرت عثمان مرونديءَ (قلندر لعل شهباز رح) جي شان ۾ مداحون، بيت، ڏوهيڙا، ڪافيون، ٻه سٽا، چؤسٽا، نظم ۽ غزل شامل آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري، 2003ع ۾ ڇپايو هو ۽ اُن جو مرتب اياز لاکير هو. ساڳئي ڪتاب جو هڪ ڇاپو، اپريل 2003ع ۾ ئي سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد ڇپايو آهي، جنهن جو مرتب لال بادشاهه ڄاڻايو ويو آهي ۽ ان جو ٻيو ڇاپو 2008ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي، جڏهن ته هن ئي ڪتاب ’دادن فقير جو ڪلام‘ جو ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري 2011ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن ۾ علي دوست عاجز جو مضمون ’هنجڙا هليا ويا ساجهر سويرا‘ ۽ اياز لاکير جو مهاڳ شامل آهي. ڊيمي سائيز جي 432 صفحن جي هن ڪتاب جي قميت 300 روپيا رکي وئي آهي.


لفظ دادن فقير جو ڪلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو