خطبات

خطبات

خطبات

خطبات (ڪتاب): مولانا سيد ابو الاعليٰ مودوديءَ جي تقريرن تي مشتمل هن ڪتاب جو هي ٽيون ڇاپو آهي، جيڪو مئي 2007ع ۾ سنڌ مسلم سوسائٽي، واڳڻي در، شڪارپور طرفان شايع ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ مولانا ابوالاعليٰ مودوديءَ جون اهي تقريرون آهن، جن ۾ هن اسلام جي نهايت ئي آسان ۽ مؤثر تشريح ڪئي آهي. ڪتاب کي ڇهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي: باب پهريون ايمان، باب ٻيو اسلام، باب ٽيون نماز ۽ روزو، باب چوٿون زڪوات، باب پنجون حج ۽ باب ڇهون جهاد. پڪي پاٺي ۽ رنگين ٽائٽل سان 316 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا ڄاڻايل آهي.


لفظ خطباتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو