خسخس

خسخس

خسخس

خسخس (Opium Poppy/ Papaver somniferum): خسخس هڪ ٻوٽو آهي، جيڪو گهڻو ڪري پاڪستان جي اترين جابلو علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو. هن ٻوٽي جي ٽارين ۾ ڏينا (ڏوڏي) ٿيندا آهن، جن کي چير ڏيڻ سان هڪ گلابي رنگ جي پاڻيٺ نڪري ڄمي ويندي آهي، جنهن کي ڏوڏي يا آفيم چئبو آهي. خسخس جي ٻج کي ’پست جو ڪڻ‘ يا ’ڏوڏيءَ جي ڪڻ‘ به چئبو آهي، جيڪا اصل ۾ اڇي رنگ جو سنهڙو ٻج ٿيندي آهي، خسخس ڪيترين بيمارين لاءِ ڪم ايندي آهي. خسخس گرمين جي موسم ۾مشروب ٺاهڻ سميت تترن ۽ انهن جي تازن ڄاول ٻچن جي کاڌي لاءِ به استعمال ڪئي ويندي آهي. خسخس جو تاثير نهايت ٿڌو ٿئي ٿو.


لفظ خسخسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو