خاڪسار

خاڪسار: هيءُ هڪ لقب آهي، جيڪو خاڪسار تحريڪ جي ڪارڪنن لاءِ استعمال ٿيندو هو. برصغير هند ۾ علامه عنايت الله مشرقيءَ خاڪسار تحريڪ جو بنياد وڌو. ان تحريڪ کان متاثر ۽ لاڳاپيل ماڻهو پاڻ کي ’خـاڪـسـار‘ سـڏائـيـنـدا هـئـا. سـنـڌ ۾ عـبـدالـغـفـور قـاضـي هـالا وارو،حفيظ قريشي، جمال ابڙو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، نصير محمد نظاماڻي، محمد اڪبر قاضي ۽ ٻيا ڪيترائي خاڪسار سڏائيندا هئا. سنڌ جي سياسي وايو منڊل تي هن تحريڪ جا گهرا اثر پيا ۽ مسلم سياستدان هن تحريڪ مان متاثر هئا. (وڌيڪ ڏسو: خاڪسار تحريڪ).


لفظ خاڪسارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو