خانڳڙهه

خانڳڙهه (ديهه): تعلقي ميرپور ماٿيلي جي هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
خانڳڙهه، عالم خان گڏاڻي، ڇٽل مهر، موٽڻ مهر، علي نواز مهر، رحمت خان گبول/خداداد خان گبول، ڀڙ، محمد صالح ڊکڻ ۽ رمضان لاشاري. اڄڪلهه خان ڳڙهه، شهر نما هڪ غلم محمد خان مهر جو وڏو ڳوٺ آهي، جتي فقير احمد سائين مهر جي ”درگاهه خانڳڙهه شريف“ تاريخي حيثيت رکي ٿي.


لفظ خانڳڙههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو