حڪيم محمد سعيد

حڪيم محمد سعيد

حڪيم محمد سعيد

حڪيم محمد سعيد: نامور حڪيم، عالم ۽ سنڌ جو اڳوڻو گورنر حڪيم محمد سعيد، 9 جنوري 1920ع تي دهليءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم کان پوءِ هن حڪمت ۽ طب نبويصه جي تعليم حاصل ڪئي ۽ حڪمت سان گڏ معلومات جي اشاعت جو سلسلو شروع ڪيائين، 1940ع ۾ ’همدرد صحت‘ نالي رسالو شروع ڪيائين، جيڪو اڄ تائين شايع ٿيندو رهي ٿو. ورهاڱي دوران سندس خاندان ڪراچيءَ ۾ اچي رهائش پذير ٿيو. حڪيم محمد سعيد 1948ع ڌاري ’همدرد فائونڊيشن‘ نالي ادارو قائم ڪيو، جنهن هيٺ هن قدرتي جڙي ٻوٽين مان ڪيترا ئي مفيد طبي نسخا تيار ڪيا. ٿوري ئي عرصي ۾ ’همدرد‘ کي هربل دوائون تيار ڪندڙ وڏي اداري جي سڃاڻپ ملي وئي. همدرد فائونڊيشن طرفان اشاعت جو سلسلو به شروع ڪيو ويو، اسلامي معلومات سان گڏ طبي ڄاڻ جا ڪتاب ۽ رسالا ڇاپيا ويا. حڪيم محمد سعيد گهڻ پاسائين شخصيت هو. هو هڪ ئي وقت سٺو طبيب، سائنس توڙي مذهبي علم جو ڄاڻو، محقق، مترجم ۽ اديب هو. هن ٻارن جي ذهني تربيت ۽ تفريح لاءِ اردو رسالو ’نونهال‘ به جاري ڪيو ۽ ڪيترا سال ان جو ايڊيٽر رهيو. حڪيم محمد سعيد علم جي روشني پکيڙڻ لاءِ 1985ع ۾ ’همدرد يونيورسٽيءَ‘ جو بنياد رکيو. هن وقت انهيءَ يونيورسٽيءَ سان ’ميڊيڪل ڪاليج‘، ’ڊينٽل ڪاليج‘، ’المجيد ڪاليج آف ايسٽرن ميڊيسن‘، ’محمد الياس انسٽيٽيوٽ آف هربل سائنس‘، ’همدرد اسڪول آف سوشل سائنسز‘ جهڙا ادارا لاڳاپيل آهن. حڪيم سعيد طب جي موضوع کان سواءِ اسلام، تعليم، صحت، مسلم سائنسدانن ٻارن جي ادب، سائنس ۽ تاريخ جي موضوعن تي ڪيترا ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا. سندس ايڊٽ ڪيل ڪتابن جو تعداد 200 کن آهي. سندس 46 ڪتاب اردوءَ ۾ ۽ 43 ڪتاب انگريزيءَ ۾ شايع ٿيا، جن مان اٺ ٻارن لاءِ لکيل آهن. ’همدرد ميڊيڪس‘ ۽ ’همدرد اسلاميڪس‘ نالي هن عالمي سطح جا ٻه تحقيقي جرنل به جاري ڪيا.
حڪيم محمد سعيد، جولاءِ 1993ع کان جنوري 1994ع تائين سنڌ جو گورنر رهيو. هو سياست ۽ سماجي ڪمن ۾ آزاد حيثيت سان سرگرم رهيو، پر سندس سماجي خدمتن ۽ سچ گوئي ڪن سماج دشمن شخصن کي پسند نه آئي، ان ڪري هنن کيس گولين جو نشانو بڻائي 17 آڪٽوبر 1998ع تي ان وقت شهيد ڪيو ويو، جڏهن صبح جو هو دستوري چهل قدميءَ کان پوءِ پنهنجي دواخاني طرف وڃي رهيو هو. حڪيم سعيد جي زندگيءَ جو مقصد علم جي پکيڙ ۽ نئين نسل جي مستقبل لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ رهيو. هو هڪ رحمدل ۽ امن پسند انسان هو. سندس قائم ڪيل ادارا اڄ به نوجوانن لاءِ مشعل راهه آهن، سندس شروع ڪيل اشاعتي سلسلو اڄ سوڌو جاري آهي، جنهن مشن کي سندس ڌيءَ سعديه جاري رکيو پئي اچي. حڪيم محمد سعيد جي خدمتن جي اعتراف طور 2002ع ۾ کيس نشان امتياز اوارڊ ڏنو ويو. سندس نالي تي هڪ تحقيقي مرڪز ’اداره سعيد‘ قائم ڪيو ويو آهي، جتي صحت، تعليم، سماجي علمن ۽ اسلامي موضوعن تي ڪيترائي نوجوان تحقيق ۾ مصروف آهن.


لفظ حڪيم محمد سعيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.01.09  عيسوي

نامور حڪيم، عالم ۽ سنڌ جو اڳوڻو گورنر حڪيم محمد سعيد، 9 جنوري 1920ع تي دهليءَ ۾ ڄائو.


1998.10.17  عيسوي

17 آڪٽوبر 1998ع تي ان وقت شهيد ڪيو ويو، جڏهن صبح جو هو دستوري چهل قدميءَ کان پوءِ پنهنجي دواخاني طرف وڃي رهيو هو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿامس مان
بيبي خيرالنساءِ
صابره بيگم ڊاڪٽر
رند هارون
اظهر سولنگي
ڀِندل
ايس اين ڦيرواڻي پروفيسر
الهڏنو خاصخيلي فقير
سيٺ طيب علي علوي
راجو سمراٽ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون