حَمائل

حَمائل: عقيدي موجب ڪنهن خاص منشا لاءِ ڳچيءَ ۾ ٻڌل تعويذ کي حمائل چيو وڃي ٿو. هن قسم جي تعويذ ۾ تمام ننڍي تختيءَ وارو قرآن شريف ڪنهن ڪپڙي يا چمڙي ۾ ٻڌي ڦيڻو ڪري، ڪنهن بزرگ کان پڙهائي ڳچيءَ ۾ ٻڌو ويندو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ عمل توهم پرستيءَ جي زمري ۾ اچي ٿو، پوءِ به گهٽ پڙهيل ماڻهو هن قسم جا تعويذ ٻارن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌندا آهن. انهن کي حمائل به چئبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو