حيدرآباد

حيدرآباد

حيدرآباد2

حيدرآباد (ڪتاب): حيدرآباد شهر جي تفصيلي تاريخ تي مشتمل ڪتاب جو ليکڪ عشرت علي خان آهي. ليکڪ اصل ۾ هيءُ ڪتاب اردوءَ ۾ لکيو هو، جنهن کي نئين ٽهيءَ جي ليکڪن عنبرين هيسباڻي ۽ آڪاش سنتورائي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڪتاب کي هيٺئين ريت نون بابن ۾ ورهايو آهي (1) ’حيدرآباد شهر جي بنياد پوڻ‘، ’ڪلهوڙن‘، ’ٽالپرن‘ ۽ ’انگريزن‘ بابت معلومات، (2) ’حيدرآباد جي جاگرافي‘، ’پلن‘، ’بئراجن‘، ’واهن‘، ’ڍنڍن‘، ’تلائن‘ ۽ ’ڦليلي واهه‘ بابت ڄاڻ، (3) حيدرآباد جي علائقن، ’ٽنڊي ٺوڙهي‘، ’ٽنڊي آغا‘، ’ٽنڊي مير محمود‘، ’ٽنڊي يوسف‘، ’ٽنڊي ولي محمد‘، سميـت مختلـف پـاڙن، ڳوٺن، چاڙهين، گهٽين ۽ پراڻين عمارتن بابت ڄاڻ، (4) حيـدرآباد شهـر جـي سمـاجيات بابت، (5) حيدرآباد شهـر جـي ثـقـافـت، (6) حيدرآباد جي ’قديم مسجدن‘، ’عبادتگاهن‘، ’امام بارگاهن‘، ’مندرن‘، ’گـرجــا گهـرن‘، ’قـبـرستانن‘، ’شـمـشـان گهـاٽــن‘، ’مـــزارن‘ ۽ ’پـــڙن‘ بـابــت، (7) حيدرآباد شهر جي ’علم و ادب‘ بابت. (8) حيدرآباد جي معيشت بابت ڄاڻ ۽ (9) حيدرآباد شهر جي تقريباً سئو نامور شخصيتن جو احوال. ڊيمي سائيز ۾ چار رنگي ٽائيٽل سان 422 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 400 رپيا ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب جو هيءُ سنڌي ترجمو ادراڪ پبليڪيشنز پاران 2009ع ۾ شايع ٿيل آهي، جڏهن ته اُردو ڪتاب جو پهريون ڇاپو ادراڪ پبليڪيشنز طرفان 2002ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2006ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو