حيدر علي لغاري

حيدر علي لغاري

حيدر علي لغاري

حيدر علي لغاري: برک عالم، استاد، اديب، نقاد ۽ شاهه لطيف جو پارکو، حيدر علي لغاري، 11 آگسٽ 1934ع تي تاجپور جي نواب گهراڻي ۾ نواب قنبر علي لغاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان مان نواب ولي محمد لغاري، ٽالپر دورِ حڪومت ۾ سنڌ جو وزيراعظم هو. حيدر علي لغاريءَ پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول تاجپور مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1952ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪيائين. بي. اي 1956ع ۽ ايم. اي (مسلم هسٽري) 1960ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج، حيدرآباد مان ڪيائين. ان بعد 1961ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. ٽي ڪيائين، جتي پنهنجي استاد سيد اڪرام عليءَ کان تمام گهڻو متاثر رهيو. حيدر علي لغاري ان دور کي پنهنجو ’نئون جنم‘ تصور ڪندو هو. ڪاليج جي ئي زماني ۾ 1952ع کان هن علامه آءِ. آءِ. قاضي جا ليڪچر ٻُڌڻ شروع ڪيا، جن سندس ذهني تربيت ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. سندس فڪر جي گهرائي، قول ۽ فعل جي سچائيءَ تي قاضي صاحب جي شخصيت جا چٽا عڪس نظر اچن ٿا. حيدر علي لغاري، مولانا غلام محمد گراميءَ جي شخصيت ۽ علم کان به گهڻو متاثر هو. ساڻس ڪچهرين ۽ خط و ڪتابت جو سلسلو رهندو هو. حيدر علي لغاري خانداني نوابيءَ کي پاسيرو رکي، هڪ استاد ٿيڻ پسند ڪيو ۽ 40 سال سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ مثالي استاد جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هو 20 آگسٽ 1956ع ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. 1956ع کان 1972ع تائين گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج ميرپور بٺوري؛ 1972ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌرا (ضلعو سکر) ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻني (ضلعي ٺٽي) ۾ هيڊماستر ٿي رهيو. حيدر علي مقبول استاد ٿي رهيو، جڏهن ڪن مخالفن جي چوڻ تي مارچ 1975ع ۾ سندس بدلي ٽنڊي ڄام کان نصرپور ڪئي وئي ته اسڪول جي شاگردن هن هر دلعزيز استاد جي واپسيءَ لاءِ سخت احتجاج ڪيو. 17 ڏينهن جي احتجاج بعد جڏهن معاملو سنڌ اسيمبليءَ تائين پهتو ته انتظاميا مجبور ٿي، کيس ٻيهر ٽنڊي ڄام ۾ مقرر ڪيو. آڪٽوبر 1981ع کان فبروري 1991ع تائين گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن (مين) حيدرآباد ۾ ليڪچرر طور فرض سرانجام ڏنائين. آگسٽ 1992ع تائين هاير سيڪنڊري اسڪول سن ۾ پرنسپال ٿي رهيو. بيورو آف ڪريڪيولم ۽ ايڪسٽينشن ونگ، ڄام شوري ۾ 24 آگسٽ 1992ع کان سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿي رهيو. ان دوران گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپل جي اضافي چارج به سندس حوالي رهي. هن 10 آگسٽ 1994ع تي رٽائرمينٽ ورتي. حيدر علي لغاريءَ جو شمار سنڌ جي غير روايتي استادن ۾ ٿئي ٿو. سندس شخصيت، ڄاڻ ۽ اخلاق، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ٽريننگ لاءِ ايندڙ استادن کي ايترو متاثر ڪندا هئا، جو اهُي ٻين استادن جا ڪلاس ڇڏي سندس ڪلاسن ۾ شرڪت ڪندا هئا. اسڪول ۽ ڪاليج جي سرڪاري ذميوارين کان پوءِ به سندس گهر ۾ سدائين شاگرد سکيا لاءِ ايندا هئا. هو روڊن، رستن ۽ فوٽ پاٿن تي به ويهي شاگردن سان علم ۽ دانش جون ڳالهيون ڪندو هو. هن سنڌ جي نوجوان نسل جي فڪري اوسر ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڪيترن شاگردن سان سندس خط و ڪتابت به رهندي هئي. هو متڀيد کان مٿڀرو ٿي غريب شاگردن جي مالي مدد ڪندو هو. حيدر علي لغاريءَ جاگيردار خاندان جو فرد هوندي به هارين ۾ جاڳرتا پيدا ڪندڙ کاٻي ڌُر جي مشهور ڪردار عزيز سلام بخاريءَ سان ڳجهيون تنظيمي گڏجاڻيون پنهنجي گهر تي ڪندو هو ۽ ڪامريڊ بخاريءَ جي وفات به سندس گهر ۾، 7 فبروري 1986ع ۾ هڪ گڏجاڻيءَ دوران ئي ٿي هئي (وڌيڪ ڏسندا: بخاري، عزيز سلام). 1974ع کان 1978ع جي زماني ۾ ماهوار اخبار ’هلچل‘ حيدر علي لغاريءَ جي تعاون سان ڄام ساقي ڪڍندو هو، جنهن ۾ حيدر علي لغاريءَ جا فرضي نالن سان ڪيترا مضمون شايع ٿيا. ڄام ساقي روپوشيءَ جي زماني ۾ اڪثر حيدر علي لغاريءَ جي گهر ۾ رهندو هو. حيدر علي لغاريءَ جو پهريون مضمون 1958ع ۾ ملا اسڪول مخزن، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ شايع ٿيو. اخبار تعليم ۽ مهراڻ رسالن ۾ به سندس مضمون ڇپيل آهن. سندس ٽي ڪتاب: (1) اندر ملهه املهه (1998ع) ۽ (2) ڪُڇان ڪُڄاڙو (2007ع) (3) شاهه جي ڪلام ۾ وجود جو خِلا (چپائيندڙ ثقافت کاتو سنڌ) شايع ٿيل آهن. تنقيد، تعليم، تصوف، فلسفي ۽ لطيفيات جي حوالي سان حيدر علي لغاريءَ جون سنڌي ادب ۾ سندس نمايان خدمتون آهن. شاهه لطيف تي لکيل سندس مضمون اردوءَ ۾ شهناز شوري ترجمو ڪيا، جيڪي ڪتابي صورت ۾ ’سوز و ساز لطيف‘ (2009ع) نالي سان شايع ٿيا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۽ محمد نواز نوناريءَ جو لکيل ’سنڌي ڪتاب‘ 1995ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. حيدر علي لغاريءَ پنهنجي ڳوٺ تاجپور ۾ 1953ع ۾ ’ينگ بلوچ سوسائٽي‘ قائم ڪئي، جنهن جو مقصد ڳوٺ جي نوجوانن ۾ سجاڳي، تعليم جو واڌارو ۽ سماجي ڪمن ۽ ڳوٺ جي فلاح ۽ بهبود هو. پروفيسر امير علي قادريءَ جي ٺاهيل ’سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽيءَ‘ جو صدر به رهيو. ان سوسائٽيءَ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو ڪتاب ’او ڪو ٻيو فهم‘ ڇپرايو ۽ ڪيترا ليڪچر ڪرايا. حيدر علي لغاريءَ سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ، حيدرآباد ۾ ڪيترن موضوعن تي ليڪچر ڏنا، جيڪي ٽرسٽ پاران ڇپايا ويا. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جي تنظيم ’اؤسر پيڙهڪا حيدرآباد‘ جو جنرل سيڪريٽري ۽ ’سنڌ ٽيچرس ڪوآپريٽوِ هائوسنگ سوسائٽيءَ‘ جو صدر رهيو. 1999ع ۾ کيس تعليمي خدمتن جي اعتراف ۾ يومِ مادرِ وطن جي موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران ‘مير غلام محمد ٽالپر تعليم اوارڊ‘ ڏنو ويو. لغاري صاحب کي چئن پُٽن ۽ ڇهن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان اسرار لغاري ٽي. وي ڊرامن جو مشهور نالو آهي. حيدر علي لغاري، 25 آگسٽ 2008ع تي 74 سالن جي عمر ۾ اختر ڪاٽيجز، حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي وفات ڪئي. سندس مزار نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي مقبري جي ڀر ۾ پٺاڻ ڪالوني، حيدرآباد ۾ آهي. سندس شاگردن مانجهند شهر ۾ ’حيدر علي لغاري لائبرري‘ به قائم ڪئي آهي.


لفظ حيدر علي لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.08.11  عيسوي

برک عالم، استاد، اديب، نقاد ۽ شاهه لطيف جو پارکو، حيدر علي لغاري، 11 آگسٽ 1934ع تي تاجپور جي نواب گهراڻي ۾ نواب قنبر علي لغاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان مان نواب ولي محمد لغاري، ٽالپر دورِ حڪومت ۾ سنڌ جو وزيراعظم هو.


1956.08.20  عيسوي

حيدر علي لغاري خانداني نوابيءَ کي پاسيرو رکي، هڪ استاد ٿيڻ پسند ڪيو ۽ 40 سال سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ مثالي استاد جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هو 20 آگسٽ 1956ع ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو.


1992.08.24  عيسوي

بيورو آف ڪريڪيولم ۽ ايڪسٽينشن ونگ، ڄام شوري ۾ 24 آگسٽ 1992ع کان سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿي رهيو.


1994.08.10  عيسوي

حيدر علي لغاري 10 آگسٽ 1994ع تي رٽائرمينٽ ورتي.


2008.08.25  عيسوي

حيدر علي لغاري، 25 آگسٽ 2008ع تي 74 سالن جي عمر ۾ اختر ڪاٽيجز، حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي وفات ڪئي. سندس مزار نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي مقبري جي ڀر ۾ پٺاڻ ڪالوني، حيدرآباد ۾ آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

روح الله بکري
اي ٽي شهاڻي
فتح محمد نظاماڻي
عبدالڪريم ميمڻ مجروح مولوي
عبدالحق لنڊ مولوي
قاضي محمد عاقل سنڌي
شاهه عبدالرحمٰن سنڌي
نذر حسين سڪندري ڊاڪٽر
شيخ عبدالشڪور
عبدالعزيز عمراڻي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون